Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو وسيم اختر،رئوف صديقي ۽ سينيئر پروفيسر ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده جي گهرن تي فون، جناب الطاف حسين ٽنهي اڳواڻڻ جي گهر وارن سان همدردي جو اظهار به ڪيو

 Posted on: 7/22/2016

لنڊن: 22 جولائي 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر وسيم اختر ۽ رئوف صديقي جي گرفتاري ۽ رابطا ڪميٽي جي سينيئر ميمبر ۽ سينيئر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده جي گهر تي ڇاپي  تي انهن ٽنهي اڳواڻڻ جي گهرن تي فون ڪيو ۽ انهن جي گهر وارن سان همدردي جو اظهار ڪيو. جناب الطاف حسين ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته اوهان ملڪ جي ايتري خدمت ڪئي پر اوهان  کي به نه بخشيو ويو ۽ اوهان جي علالت جي باوجود اوهان جي گهر تي به ڇاپو هنيو ويو ۽ اوهان جي بي گناھ پٽ طاهر غفار کي به گرفتار ڪري ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو آهي جيڪو انتهائي قابل مذمت آهي. انهن ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته انهن جي پٽ کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين وسيم اختر جي پٽ فراز سان به ڳالھھ ٻولھھ ڪئي ۽ انهن سان همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته وسيم اختر تي بڻايل ڪيس ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن ۽ انشاء الله تعالٰي اهي جلد آزاد ٿيندا. انهن فرمايو ته وسيم اختر ان موقعي تي جنهن همت ، جرت ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو آهي اهو قابل تحسين آهي. جناب الطاف حسين رئوف صديقي جي ننڍي ڀاءُ ظفر صديقي کي به فون ڪيو ۽ انهن سان به همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته رئوف صديقي جون تحريڪ جي لاءِ وڏيون خدمتون آهن ۽ اڄ اهي تحريڪ جي لاءِ  قيد جون تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن. انهن فرمايو ته تحريڪي جدوجهد ۾ آزمائشون اينديون رهنديون آهن ۽ انشاء الله تعالٰي رئوف صديقي به جلد اسان جي وچ ۾ هوندا. 
*****

4/23/2024 4:37:37 AM