Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سي پي ايل سي جي طرفان ممتاز مذهبي اسڪالر ۽ سينيئر اينڪر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي بلٽ بروف گاڏي کي تحويل ۾ وٺڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


سي پي ايل سي جي طرفان ممتاز مذهبي اسڪالر ۽ سينيئر اينڪر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي بلٽ بروف گاڏي کي تحويل ۾ وٺڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 7/20/2016
سي پي ايل سي جي طرفان ممتاز مذهبي اسڪالر ۽ سينيئر اينڪر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي بلٽ بروف گاڏي کي تحويل ۾ وٺڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 20 جولائي 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سي پي ايل سي  جي طرفان ممتاز مذهبي اسڪالر ۽ سينيئر اينڪر عامر لياقت حسين جي بلٽ پروف گاڏي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته چار ڏينهن اڳ پاڻ وفاقي وزارت داخلا سرڪلر جاري ڪيو هو ته ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي جان کي طالبان ۽ داعش کان خطرو آهي. ان کان پوءِ ڊاڪٽر عامر لياقت حسين حڪومت ۽ پوليس کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي تحريري طور تي درخواست به ڏني هئي  پر انهن کي سيڪيورٽي نه ڏني وئي. ڊاڪٽر عامر لياقت حسين مجبور ٿي ڪري ٻاهرين ملڪ کان پنهنجي لاءِ بلٽ پروف گاڏي گهرائي جنهن جي اين او سي وفاقي وزارت داخلا فراهم ڪئي. ڊاڪٽر عامر لياقت حسين ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ کي نمبر پليٽ جي فراهمي جي لاءِ باقائده درخواست به ڏني. پر انهن کي باقائده نمبر پليٽ جاري نه ڪئي وئي. بلڪه انهن کي هڪ مخصوص عارضي نمبر جي نمبر پليٽ ڏني وئي. پر سي پي ايل سي ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي ان بلٽ پروف گاڏي کي فينسي نمبر پليٽ ڄاڻائي ڪري تحويل ۾ 

وٺي ڇڏيو. رابطا ڪميٽي چيو ته حقيقت اها آهي ته عامر لياقت حسين جي گاڏي ۾ ڪائي به فينسي نمبر پليٽ لڳل نه آهي بلڪه ايڪسائيز کاتي جي جاري ڪيل نمبر پليٽ لڳل آهي. رابطا ڪميٽي ان جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته هڪ اهڙي ممتاز مذهبي اسڪالر ۽ سينيئر اينڪر جيڪي عوام۾ تمام گهڻا مقبول آهن ۽ جن جي باري ۾ پاڻ وزارت داخلا به اهو چئي رهي آهي ته انهن جي جان کي خطرو آهي ته پوءِ حڪومت انهن کي نه پاڻ سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي ۽ نه ئي انهن کي پنهنجي سيڪيورٽي پاڻ ڪرڻ ڏيئي رهي آهي پر ابتڙ انهن جي گاڏي کي به تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ جيڪو ڪنهن خطرناڪ منصوبي جو حصو معلوم ٿئي ٿو. رابطا ڪميٽي چيو ته ڊاڪٽر عامر لياقت جي جان کي پهرين ئي خطرو آهي ۽ جيڪڏهن خدانخواسته انهن کي ڪوئي نقصان پهتو ته پوليس، سي پي ايل سي جا اعلٰي آفيسر ۽ حڪومت ان جي ذميوار هوندي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڊاڪٽر عامر لياقت حسين ڇو ته ٽي وي ٽاڪ شوز ۽ ٻين پروگرامن ۾ ڪراچي ۾ مهاجرن تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف ڄمي ڪري ڳالهائي رهيا آهن ۽ انهي جي ڪري ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي خلاف اهي مذموم هٿڪنڊا اختيار ڪيا پيا وڃن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کان مطالبو ڪيو ته اهي ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي بلٽ پروف گاڏي کي فوري طور تي واپس ڪرائين ۽ انهن کي تحفظ به فراهم ڪرائين. 
*****

4/25/2024 4:42:44 AM