Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وسيم اختر ۽ عبدالرئوف صديقي جي عدالت کان گرفتاري تي ايم ڪيو ايم جي طرفان مذمت


وسيم اختر ۽ عبدالرئوف صديقي جي عدالت کان گرفتاري تي ايم ڪيو ايم جي طرفان مذمت
 Posted on: 7/19/2016
وسيم اختر ۽ عبدالرئوف صديقي جي عدالت کان گرفتاري تي ايم ڪيو ايم جي طرفان مذمت
وسيم اختر ۽ رئوف صديقي جي گرفتاري ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري رياستي ظلمن جو تسلسل آهي.ڪنور نويد جميل
سابق وزير داخلا ذوالفقار مرزٰي سرعام چيو هو ته انهن پيپلز امن ڪميٽي جي سرپرستي ڪئي ۽ گينگ وار جي دهشت گردن کي 3 لک ڪلاشنڪوفن جا لائسنسن به ڏنا.عامر خان
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 19 جولائي 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر وسيم اختر ۽ سابق وزير داخلا رئوف صديقي جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي انهن جون گرفتاريون ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي ظلمن جو تسلسل آهي. انهن چيو ته وسيم اختر ڪراچي جا نامزد ميئر آهن ۽ انهن کي ميئر جي حيثيت سان عوام جي خدمت کان روڪيو 
پيو وڃي.انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ڊپٽي ڪنوينر عامر خان ۽ شاهد پاشا به موجود هئا. ڪنور نويد جميل چيو ته ايم ڪيو ايم قانون ۽ عدالتن جو احترام ڪري ٿي. انهي جي ڪري وسيم اختر جيڪي ڪراچي جا نامزد ميئر آهن ۽ اهي اڄ ئي ڊاڪٽر عاصم ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي لاءِ لنڊن کان ڪراچي پهتا هئا. انهن چيو  ته سنڌ هائي ڪورٽ جي طرفان ان ڪيس ۾ وسيم اختر ۽ رئوف صديقي جي عبوري ضمانت پهرين ئي منظور ٿي چڪي آهي ۽ اڄ دهشت گردي ٽوڙ عدالت کي ان ضمانت کي صرف ڪنفرم ڪرڻو هو  پر  اي ٽي سي ڪورٽ انهن اڳواڻڻ جي ضمانت ۾ توسيع جي درخواست کي رڌ ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي گرفتار ڪري ورتو ويو. انهن چيو ته هتي اها ڳالھھ قابل غور آهي ته اي ٽي سي ڪورٽ جي جج محترمه خالده ياسين ان کان پهرين مختلف ٻڌڻين جي دوران رينجر جي طرفان پيش ڪيل انهن جي جي آئي ٽيز کي رڌ ڪري ڇڏيو هو. پر اڄ اي ٽي سي ڪورٽ انهن ئي جي آئي ٽيز جي بنياد تي وسيم اختر ۽ رئوف صديقي جي ضمانتن جون درخواستون اهو چئي ڪري رڌ ڪري ڇڏيون ته انهن جي آئي ٽيز ۾ ڪجھھ اهڙيون شيون آهن جنهن جي ڪري اهي مجبور آهن ۽ ضمانت ۾ واڌ جي درخواست کي رڌ ڪن ٿيون. انهن چيو ته ائين لڳي ٿو ته اي ٽي سي ڪورٽ اهو فيصلو ڏنو ضرور آهي پر اهو فيصلو ڪنهن ٻئي هنڌان آيو آهي. انهن چيو ته اسان جا وڪيل ان حوالي سان هائي ڪورٽ سان رجوع ڪري رهيا آهن. انهن چيو  ته وسيم اختر ۽ رئوف صديقي جي گرفتاري جو مقصد ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ ۽ مهاجرن ۽ ٻين مظلوم قومن جي ان واحد آواز کي رياستي طاقت جي ذريعي ڪڇلڻ آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته وسيم اختر ۽ رئوف صديقي تي الزام آهي ته انهن جي چوڻ تي ڊاڪٽر عاصم جي اسپتال مان دهشت گردن جو علاج ڪرايو ويو آهي جيڪو انتهائي گندو الزام آهي. ڇو ته اڄ تائين ڪورٽ انهن ماڻهن جا نالا نه ٻڌايا آهن جن جو علاج ڪرايو ويو هو. انهن چيو ته ان ڪيس جو مقصد سراسر انتقام آهي. انهن چيو ته ڪجھھ وقت اڳ جيو نيوز جي اينڪر حامد مير کي انٽرويو ڏيندي 

عمران خان اهو انڪشاف ڪيو هو ته  لاهور ۾ انهن جي  شوڪت خانم اسپتال ۾ طالبان جي مرڪزي اڳواڻن جو علاج ڪيو ويو هو، جنهن جو  طالبان اڳواڻن تحريري طور تي عمران خان جو ٿورو به مڃيو هو. انهن چيو ته جيڪڏهن اسپتال ۾ ڪنهن جو علاج ڪرائڻ ڏوھ آهي ته پوءِ عمران خان تي ڪيس داخل ڇو نه ٿو ڪيو وڃي ۽ انهن کي گرفتار ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟  انهن چيو ته ڊاڪٽر عاصم کي مهاجر هجڻ جي ناطي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن جو اهي پاڻ به سينيئر تجزيه نگارن سان اظهار ڪري چڪا آهن. انهن چيو ته گذريل پوين ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ رينجر هڪ ڏوهاري اسد کرل کي حراست ۾ ورتو ته وزير داخلا سهيل انور سيال جي ڀاءُ پنهنجي هٿيار بند لشڪر سان گڏجي ڪري اسد کرل کي ٿاڻي مان رينجر جي هٿان ڇڏائي ورتو ۽ انهن رينجر وارن کان هٿيار به ڇنيا ۽ انهن کي يرغمال به بڻايو . انهن چيو ته ڇا اهو سڀ ڪجھھ رينجر ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي نظر نه ٿو اچي ۽ انهن جي خلاف ڪاروائي ڇو نه ٿي ڪئي وڃي. انهن چيو ته انهن سان ته ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. پر دشمن آهي ته صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم، جنهن جي هزارين ڪارڪنن ۽ اڳواڻڻ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن جي تازه ترين مثال اڄ وسيم اختر ۽ رئوف صديقي جي گرفتاري آهي.ان موقعي تي عامر خان چيو ته سابق وزير داخلا  ذوالفقار مرزٰي ڪيترائي ڀيرا  وڏي فخر سان اها ڳالھھ ڪري چڪا آهن ته انهن پيپلز امن ڪميٽي جي سرپرستي ڪئي ۽ انهن کي ٽي لک ڪلاشنڪوفن جا لائسنس به ڏنا ۽ اهي ڪلاشنڪوفون انهن ڪي شادي ۾ فائرنگ ڪرڻ جي لاءِ نه ڏنيون آهن. پر اڄ تائين انهن جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي. عامر خان چيو ته ذوالفقار مرزٰي ڪجھھ وقت اڳ به ڪراچي جي ڪورٽن ۽ پوليس ٿاڻڻ ۾ پنهنجي هٿيار بند لشڪر سان گڏ ايندا هئا ۽ اچي ڪري ججن ۽ پوليس وارن کي خوفزده ڪندا هئا.پر اڄ تائين انهن جي خلاف ڪابه ڪاروائي ڇو نه ڪئي وئي آهي؟ آخر ۾ انهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ سمورن جج صاحبان کي اپيل ڪئي ته اهي مهاجرن جي خلاف انهن ناانصافين جي سلسلي کي فوري طور تي بند ڪرائين ۽ وسيم اختر ۽ رئوف صديقي کي فوري طور تي آزاد ڪرائين ۽ نوڪرين تان لاٿل هزارين مهاجر نوجوانن کي به فوري طور تي بحال ڪرائين. 
*****

4/20/2024 1:05:06 AM