Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گورنر عشرت العباد مهاجرن ۽ ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪنن جي قربانين جا ڏاڪا چڙڪي ڪري ئي گورنري جي منصب تي پهتا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


گورنر عشرت العباد مهاجرن ۽ ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪنن جي قربانين جا ڏاڪا چڙڪي ڪري ئي گورنري جي منصب تي پهتا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 7/19/2016
گورنر عشرت العباد مهاجرن ۽ ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪنن جي قربانين جا ڏاڪا چڙڪي ڪري ئي گورنري جي منصب تي پهتا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
لنڊن: 19 جولائي 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيف جسٽس سنڌ هائي ڪورٽ سيد سجاد علي شاھ جي صاحبزادي اويس علي شاھ جن کي اڻ ڄاتل دهشت گردن 20 ڏينهن اڳ ڪراچي کان اغوا ڪري ورتو هو ، انهن کي اڄ بقول فوجي ترجمان جي ٽانڪ جي علائقي کان هڪ ڪار تي فائرنگ ڪري بازياب ڪرايو ويو آهي. ڪاروائي جي نتيجي ۾ ٽي دهشت گرد به ماريا ويا پر سجاد علي شاھ جا پٽ سخت فائرنگ جي باوجود به محفوظ رهيا. رابطا ڪميٽي اويس علي شاھ جي بازيابي تي چيف جسٽس سجاد علي شاھ کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد به پيش ڪئي . اويس شاھ جي بازيابي کان پوءِ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد اويس شاھ جي بازيابي تي نه صرف خوش ٿيا بلڪه فوجي ادارن جي ڪارڪردگي ۽ پنهنجي گورنر شپ جي فعاليت جا به خوب ترانا گائيندا رهيا. رابطا ڪميٽي چيو ته گورنر عشرت العباد مهاجرن ۽ ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪنن جي قربانين جا ڏاڪا چڙهي ڪري ئي گورنري جي منصب تي پهتا آهن ۽ ڪاش اهي ڪڏهن ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي تي به خوش ٿين ها ۽ فخريه انداز ۾ ٻهڪي ڪري بيان 

ڏين ها جيئن اهي اويس شاھ جي بازيابي تي ڏيئي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته اڄ به ايم ڪيو ايم جا 135 ڪارڪن لاپتا آهن جن کي رينجر جي اهلڪارن انهن جي گهرن کان اغوا ڪري گم ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جي ڪنهن هڪ به ڪارڪن جي ماورائي عدالت قتل ۽ ڪنهن هڪ به ڪارڪن جي اغوا ۽ ڏاڍ جي زور تي گمشدگي تي گورنر سنڌ جو ڪوئي به بيان نه آيو آهي. جيڪو انهن جي بي غيرت ۽ بي حس هجڻ ۽ پنهنجن ذاتي مفادن جي لاءِ شهيدن جي رت کي استعمال ڪرڻ جو کليل ثبوت آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اويس شاھ جي بازيابي تي جنرل راحيل شريف صاحب به مبارڪباد جا پيغام موڪليا . رابطا ڪميٽي چيو ته جنرل راحيل شريف صرف ججن جا آرمي چيف نه آهن بلڪه اهي ايم ڪيو ايم جي ماورائي عدالت قتل ڪيل ۽ ڏاڍ جي زور تي گم ڪيل ڪارڪنن ۽ انهن جي گهر وارن جا به آرمي چيف آهن ۽ ڇا انهن جي منصب جو اهو تقاضا نه آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جي گم ڪيل ڪارڪنن کي به پاڪستان جو شهري سمجهندي انهن کي بازياب ڪرائين. رابطا ڪميٽي چيو ته الله تعالٰي سڀ ڪجھھ ڏسي رهيو آهي ۽ اهو ئي بهتر انصاف ڪرڻ وارو آهي. 
*****


4/20/2024 2:22:52 AM