Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر جي ملاقات تي ايم ڪيو ايم جي ترجمان جو تبصرو


وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر جي ملاقات تي ايم ڪيو ايم جي ترجمان جو تبصرو
 Posted on: 7/16/2016
وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر جي ملاقات تي ايم ڪيو ايم جي ترجمان جو تبصرو
سنڌ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي لاءِ الڳ ۽ لاڙڪاڻي جي لاءِ الڳ قانون رائج ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم ترجمان
لاڙڪاڻي ۾ هڪ با اثر شخصيت جي ماڻهن رينجر جي اهلڪارن کان ڪليشنون ڇني ورتيون ۽ انهن کي سڄي رات يرغمال به بڻائي رکيو  پر مهاجر اڪثريت وارن علائقن ۾ هزارين ڇاپا هنيا ويا پر ڪنهن به هنڌان ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به ڪارڪن جي طرفان رينجر ۽ پوليس تي هٿ نه کنيو ويو ۽ نه ئي ڪائي مزاحمت ڪئي وئي.ترجمان
ڪراچي: 16 جولائي 2016 
                  ايم ڪيو ايم جي ترجمان امن جي قيام ۽ قانون جي حڪمراني جي سلسلي ۾ وزير اعلٰي سنڌ ۽ ڊي جي رينجر سنڌ جي ملاقات تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته مهاجرن سان تعصب جي بيناد تي انصاف ۽ قانون جو ٻٺو معيار اپڻائڻ انتهائي قابل مذمت آهي. ترجمان چيو ته سنڌ جي شهري علائقن جي واحد نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جون ته ڇتيون گرفتاريون ڪيون وڃن ٿيون، پر اندرون سنڌ جي هڪ بااثر شخصيت ۽ ڏوهاري ماڻهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان اڳ ڊي جي رينجر جي طرفان وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ  کان اجازت وٺڻ سمجهھ کان ٻاهر آهي. ترجمان چيو ته هڪ طرف ته رينجر جي اهلڪارن تي حملو ڪرڻ 

۽ انهن کان ڪليشنون ڇني ڪري انهن کي سڄي رات يرغمال بڻائي رکڻ وارين با اثر شخصيتن جي گرفتاري جي لاءِ ڊي جي رينجر وزير اعلٰي سنڌ سان ملاقات پيو ڪري ۽ سنگين ڏوهن ۾ ملوث انهن با اثر شخصيتن ۽ ڏوهاري  ماڻهن جي حوالگي جي حوالي سان وڏي ادب سان درخواست پيو ڪري، پر جڏهن ته ٻئي طرف ڪوڙن ۽ بي بنياد الزامن جي بنياد تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي ڀيڻ جي گهر ۽ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو  سميت سيڪٽرن، يونٽن ۽ حيدرآباد سميت اندرون سنڌ جي شهرن ۾ ڪارڪنن جي گهرن تي هزارين ڇاپا هنيا ويا ۽ هنيا پيا وڃن ۽ ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي اڳواڻڻ، ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ انهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيلن ۾ به وڌو پيو وڃي. پر سڄي پاڪستان جو عوام ۽ ميڊيا گواھ آهي ته ڪنهن به ايم ڪيو ايم  جي اڳواڻ يا ڪارڪن جي طرفان رينجر ، پوليس يا ٻين قانون ادارن جي اهلڪارن کي ڪوئي به جواب نه ڏنو ويو ۽ نه ئي انهن سان ڪائي مزاحمت ڪئي وئي ، پر ايم ڪيو ايم ته ڪراچي ۾ امن جي قيام جي خاطر ۽ دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن سان مڪمل طور تي تعاون ڪيو آهي ۽ ڪري رهي آهي. پر ايم ڪيو ايم جي ان مثبت قدم ۽ خير سگالي جي جذبي کي قدر جي نگاھ سان ڏسڻ جي بجاءِ ابتڙ  قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کان اظهار جي آزادي جو حق به ڇنيو ويو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جو ميڊيا ٽرائل ڪري عوام کي ان کان متنفر ڪيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته ڊي جي رينجر جي ان جانبداراڻه عمل مان ثابت ٿي ويو آهي ته ڪراچي آپريشن جو مقصد ڪراچي ۾ امن جو قيام ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي نه پر صرف ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ آهي ۽ انهي سازشي منصوبي جي تحت سنڌ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي لاءِ الڳ ۽ لاڙڪاڻي جي لاءِ الڳ قانون رائج ڪيو ويو آهي ۽ بانيان پاڪستان جي اولادن سان تعصب ۽ نفرت جي بنياد تي انهن جي لاءِ انصاف ۽ قانون جو ٻٺو معيار قائم ڪيو ويو آهي. ترجمان واضع ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ جي شهري علائقن جي عوام سان امتيازي سلوڪ اهڙي طرح ئي جاري رهيو ۽ انهن کي انصاف کان محروم ڪرڻ جو سلسلو به اهڙي طرح ئي جاري رهيو ته پوءِ پرامن مهاجرن جي جذبن کي قابو رکڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي سگهي ٿو. 
*****


4/26/2024 8:11:25 AM