Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪ سرزمين پارٽي جو ٽولو سرڪاري ايجنسين کي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جو لسٽون ڏيئي ڪري انهن کي گرفتار ڪرائي رهيو آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


پاڪ سرزمين پارٽي جو ٽولو سرڪاري ايجنسين کي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جو لسٽون ڏيئي ڪري انهن کي گرفتار ڪرائي رهيو آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 7/12/2016
پاڪ سرزمين پارٽي جو ٽولو سرڪاري ايجنسين کي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جو لسٽون ڏيئي ڪري انهن کي گرفتار ڪرائي رهيو آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 12 جولائي 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته پاڪ سرزمين پارٽي جو ٽولو ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ مهاجرن جي حقن جي جدوجهد کي مٽائڻ جي لاءِ مهاجر دشمن قوتن جي هٿان پنهنجي پاڻ کي وڪڻي ڪري کليل مهاجر دشمني تي لهي آيو آهي. جنهن تي مهاجر قوم انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته جڏهن ڳجهيون طاقتون پنهنجن تمام تر ظلمن ۽ سازشن جي باوجود ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون ته انهن ايم ڪيو ايم جي ڪجھھ ماڻهن کي دولت، بنگلن ۽ وڏين وڏين گاڏين جي عيوض خريد ڪري پاڪ سرزمين پارٽي نالي ٽولو جوڙيو ، جنهن جو واحد مقصد ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري مهاجرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر غلام بڻائڻ آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته اهو پاڪ سرزمين ٽولو پنهنجن هٿڪنڊن ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي رينجر ۽ سرڪاري ايجنسين کي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون لسٽون ڏيئي ڪري انهن کي گرفتار ڪرائي رهيو آهي ۽ انهن جون وفاداريون تبديل ڪرائڻ جي لاءِ انهن تي دٻاءُ به وجهي رهيو آهي. انهن چيو ته ڊاڪٽر فاروق ستار جي ڪوآرڊينيٽر آفتاب احمد شهيد جي شهادت به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته مهاجر قوم جي انهن  دشمنن جي چهرن کان مهاجر قوم چڱي نموني واقف آهي ۽ انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.
*****

4/25/2024 4:50:00 PM