Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مبينه حملي آور کي اردو ڳالهائڻ وارو قرار ڏيڻ سراسر تعصب، بدنيتي ۽ مهاجر دشمني آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


مبينه حملي آور کي اردو ڳالهائڻ وارو قرار ڏيڻ سراسر تعصب، بدنيتي ۽ مهاجر دشمني آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 6/23/2016
مبينه حملي آور کي اردو ڳالهائڻ وارو قرار ڏيڻ سراسر تعصب، بدنيتي ۽ مهاجر دشمني آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
امجد صابري شهيد جي اصل قاتلن کي بچائڻ جي مذموم ڪوشش ڪئي پئي وڃي. رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 23 جون 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پوليس ۽ انتظاميه جي طرفان عالمي شهرت يافته قوال امجد صابري شهيد جي مشتبه قاتل جي جاري ڪيل خاکي ۾ مبينه حملي آور کي اردو ڳالهائڻ وارو قرار ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان بهتان کي سراسر تعصب، بدنيتي ۽ مهاجر دشمني قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پوليس ۽ انتظاميه جي طرفان امجد صابري جي قاتل جي خاکي جي باري ۾ چيو ويو آهي ته اهو خاکو قاتل سان 70 سيڪڙو ملي ٿو. خاکي ۾ اهو ته چيو ويو آهي ته مشتبه قاتل جي مٿي جي وارن ۽ اکين جي رنگ جي باري ۾ معلوم نه آهي. پر اهو واضع طور تي چيو ويو آهي ته قاتل اردو ڳالهائڻ وارو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اردو پاڪستان جي قومي زبان آهي ۽ پاڪستاني آبادي جي اڪثريت اردو زبان ڳالهائي ٿي. پر پوليس ۽ انتظاميه جي طرفان مشتبه قاتل کي اردو ڳالهائڻ وارو قرار ڏيئي ڪري هڪ طرف ته اردو ڳالهائڻ وارن کي بدنام ڪيو ويو آهي ۽ ٻئي طرف امجد صابري شهيد جي اصل 
قاتلن کي بچائڻ جي به مذموم ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي رينجر ، پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ٻين ادارن جي سربراهن کان پچيو ته ڇا قاتل جائي واردات تي پوليس ۽ انتظاميه سان ڳالھھ ٻولھھ ڪئي هئي. يا ان پاڻ کي اهل زبان ثابت ڪرڻ جي لاءِ شين ”قاف ۽ جيم جو امتحان ڏنو هو. قوم کي ٻڌايو وڃي ته امجد صابري جي قاتل کي اردو ڳالهائڻ وارو قرار ڏيڻ جي پويان ڪهڙا اصل مقصدَ آهن.رابطا ڪميٽي چيو ته پوليس آفيسر ٽي وين تي بيان ڏيئي رهيا آهن ته امجد صابري کي قتل ڪرڻ کان پوءِ قاتل حسن اسڪوائر ڏانهن فرار ٿي ويا. پر رينجر ۽ پوليس لياقت آباد جي فليٽن جو گهيراءُ ڪيو جيڪا جو مڪمل اردو ڳالهائڻ وارن جي آبادي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته پابندي وڌل تنظيم طالبان جي طرفان امجد صابري جي قتل جي ذميواري قبول ڪئي وئي آهي. پر متعصب ۽ نسل پرست اينڪر پرسن ان واردات ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جي لاءِ سڄو زور لڳائي رهيا آهن.رابطا ڪميٽي چيو ته انهن سمورين حقيقتن مان ثابت ٿئي ٿو ته ماضي وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر هائي فروفائيل قتل ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جي سازشي منصوبي تي عمل در آمد ڪيو پيو وڃي ۽ امجد صابري جي قاتل کي اردو ڳالهائڻ وارو قرار ڏيڻ انهي مڪروھ سازش جو حصو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ماضي وانگر رياستي طاقت ۽ وسيلن جي ذريعي ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پر اهڙو ڪرڻ وارا وساري ويٺا آهن ته الله تعالٰي سڀ ڪجھھ ڏسي رهيو آهي ۽ اهو ئي بهتر انصاف ڪرڻ وارو آهي. انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم ۽ مهاجرن جي خلاف اها سازش به ماضي وانگر ناڪام ثابت ٿيندي.
*****

4/24/2024 3:10:34 AM