Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمينن جي چونڊ جو نوٽيفيڪيشن جاري نه ڪيو ويو ۽ انهن کي اختيار نه ڏنا ويا ته سڄي ڪراچي ۾ دمادم مست قلندرٿيندو. رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ


ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمينن جي چونڊ جو نوٽيفيڪيشن جاري نه ڪيو ويو ۽ انهن کي اختيار نه ڏنا ويا ته سڄي ڪراچي ۾ دمادم مست قلندرٿيندو. رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ
 Posted on: 6/16/2016
ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمينن جي چونڊ جو نوٽيفيڪيشن جاري نه ڪيو ويو ۽ انهن کي اختيار نه ڏنا ويا ته سڄي ڪراچي ۾ دمادم مست قلندرٿيندو. رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ
اليڪشن ڪمشنر کي فوري طور تي هٽايو وڃي. ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمينن جي چونڊ جي ملتوي ڪرڻ جي نوٽيفيڪيشن کي اسان رڌ ڪريون ٿا. نامزد حق پرست ميئر وسيم اختر
ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس جي سامهون مظاهري کي خطاب
ڪراچي: 16 جون 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ چيو آهي ته ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمينن جي چونڊ جو نوٽيفيڪيشن جاري نه ڪيو ويو ۽ انهن کي اختيار نه ڏنا ويا ته سڄي ڪراچي ۾ ڌمادم مست قلندر ٿيندو ۽ سپريم ڪورٽ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمينن جي چونڊ جي غير قانوني التوا تي سوموٽو ايڪشن وٺي . انهن خيالن جو اظهار انهن ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمينن جي چونڊ جي ملتوي ڪرڻ جي خلاف ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس جي سامهون هڪ وڏي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو.ان مظاهري ۾ ڪارڪنن هزارن جي 

تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهري کي خطاب ڪندي عارف خان چيو ته اهو احتجاج رمضان شريف جي مهيني ۾ ٿي رهيو آهي پر اهي حڪمران انڌا ، ٻوڙا ۽ گونگا بڻيل آهن ۽ جيڪڏهن انهن عقل کان ڪم نه ورتو ۽ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمينن جي چونڊ جو نوٽيفيڪيشن جاري نه ڪيو  ۽ انهن کي اختيار نه ڏنا ته سڄي ڪراچي ۾ دمادم مست قلندر ٿيندو. انهن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو مڪاني نمائندن کان حلف وٺي ڪري ڪينسل ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي ان روايت کي ورجائڻ بند ڪيو وڃي. انهن چيو ته اهي مڪاني نمائندن کي حق نه ڏيئي ڪري عوام جو حق ماري رهيا آهن ۽ انهن جو پيسو کائي رهيا آهن. انهن چيو ته حق پرست عوامي نمائندا هاڻي عوام جو پيسو کائڻ نه ڏيندا ۽ اليڪشن ڪمشنر پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي ته ان کي پنهنجي عهدي تان هٽڻو پوندو. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي وسيم اختر چيو ته مڪاني نمائندن جو اهو مظاهرو حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ خاص طور تي اليڪشنر ڪمشنر جي خلاف آهي. انهن چيو ته اليڪشن ڪميشن حڪومت جي دٻاءُ ۾ اچي ڪري ۽ اسلام آباد ۾ ويهي ڪري غير قانوني نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو آهي. انهن چيو ته اسان چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪريون ٿا ته ڪراچي جي عوام جو حق ماريو پيو وڃي ۽ اليڪشن ڪمشنر اهڙو نااهل آهي جو حڪومت جي دٻاءُ ۾ اچي ڪري پنهنجي قانون کي وساري  هڪ نوٽيفيڪيشن جيڪو 14 تاريخ تي جاري ڪري ٿو جيڪو بلڪل غير قانوني آهي ۽ ان جي پويان ان جا وڏا موجود آهن. انهن چيو ته اسان جو چيف جسٽس آف پاڪستان کان سوال آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فل ڪميشن هڪ نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ٿو ته اليڪشن ڪمشنر وٽ ڇا اهو اختيار آهي جو اهو پوري اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفيڪيشن کي ڪينسل ڪري ؟ اهو نوٽيفيڪيشن غير قانوني آهي ان جو اجرا ڪري آئين کي ٽوڙيو ويو آهي.جنهن کي اسان نه ٿا مڃون. انهن چيو ته جيڪڏهن ڪوئي شخص 

رٽائر ٿي وڃي ته ڇا ان جي فيصلي تي عملدرآمد نه ٿو ڪيو وڃي؟ انهن وزير اعظم ميان نواز شريف کي اپيل ڪئي ته اوهان انگلينڊ ۾ علاج ڪرائي رهيا آهيو پر اوهان جا حواري ان قسم جا فيصلا ڪرائي رهيا آهن. جيڪي عوامي خواهشن ۽ امنگن جي خلاف آهن. ان جي ڪري فوري طور تي اليڪشن ڪمشنر کي هٽايو وڃي. ان موقعي تي خطاب ڪندي نامزد ڊپٽي ميئر ارشد وهرٰي چيو ته ڪراچي تي اهي ماڻهو حڪومت ڪري رهيا آهن. جيڪي اندرون سنڌ کان کٽيل آهن. ان جي ڪري ئي اهي حق پرست نمائندن کي حق ڏيڻ نه ٿا چاهين ته جيئن اهي عوام جو پيسو کائيندا رهن. ان موقعي تي نامزد ضلعي چيئرمين ريحان هاشمي، نامزد ڪائونسلر برائي سٽي ڪائونسل محترمه شاهين ۽ حق پرست يوسي چيئرمين محترمه عابده به خطاب ڪيو.
*****


4/18/2024 4:48:12 PM