Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نواب شاھ ۾ پوليس ۽ سي آئي اي جا ڇاپا، ايم ڪيو ايم جي 7 ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪري ورتو ويو.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


نواب شاھ ۾  پوليس ۽ سي آئي اي جا ڇاپا، ايم ڪيو ايم جي 7 ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪري ورتو ويو.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 6/15/2016
نواب شاھ ۾  پوليس ۽ سي آئي اي جا ڇاپا، ايم ڪيو ايم جي 7 ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪري ورتو ويو.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 15 جون 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي نواب شاھ ۾ پوليس ۽ سي آئي اي جي طرفان ايم ڪيو ايم جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هڻي ڪري 7 ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته نواب شاھ ۾ اي ٽي سي ڪورٽ جي 2011  جي هڪ ايف آئي آر جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جو هڪ ڪارڪن شهيد ٿي ويو هو ۽ اي ٽي سي ڪورٽ جي جج انهي ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي ٻن گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي باعزت بري به ڪري ڇڏيو هو، پر 2011 جي ان ڪيس کي جواز بڻائي ڪري پوليس ۽ سي آئي اي گڏيل ڪاروائي ڪري نواب شاھ زون سيڪٽر اي جي سابق ميمبر عطا محمد خواجه، نواب شاھ يونٽ اي 3 جي يونٽ ڪميٽي جي ميمبر عبدالغفار، انهن جي ڀاءُ عمران قريشي، ايم ڪيو ايم نواب شاھ ضلعي اليڪشن سيل جي ميمبر رائو رئيس احمد، نواب شاھ يونٽ ڊي 3 جي ڪارڪن شعيب ملڪ ۽ همدرد اصغر قريشي ۽ عمران قريشي کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ انهن کي اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته نواب شاھ ۾ انهن غير قانوني گرفتارين سان عوام ۾ وڏي ڪاوڙ پاتي وڃي ٿي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ پوليس، رينجر، سي آئي اي ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد، نواب 

شاھ، ميرپورخاص، سکر ۽ ٻين ضلعن ۾ به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون زندگيون عذاب بڻائي ڇڏيون آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته نواب شاھ ۾ اهي گرفتاريون ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي پاليسي جو هڪ حصو آهن. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر کان مطالبو ڪيو ته اهي نواب شاھ ۾ انهن گرفتارين جو سختي سان نوٽس وٺن ۽ گرفتار ٿيلن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين ۽ ايم ڪيو ايم جي خاتمي جي پاليسي کي ختم ڪري ۽ ڪراچي آپريشن جي رخ کي صحيح ڪري ان کي سياسي مخالفن جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي بجاءِ ڏوهاري ماڻهن ۽ دهشت گردن جي خلاف ئي محدود ڪيو وڃي. 
                ان کان علاوه رابطا ڪميٽي پي آئي بي ڪالوني ٽائون ڪميٽي جي ميمبر نادر خان، رنڇوڙ لائين يوسي 24 جي ڪارڪنن ناصر ذڪي ۽ رضوان جي گرفتاري جي به سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. 
*****

4/19/2024 2:49:25 AM