Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پي اينڊ ٽي ڪالوني ۾ جاري غير قانوني اڏاوتن ۽ ناجائز تجاوزات جو ڌنڌو فوري طور تي بند ڪرايو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


پي اينڊ ٽي ڪالوني ۾ جاري غير قانوني اڏاوتن ۽ ناجائز تجاوزات جو ڌنڌو فوري طور تي بند ڪرايو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 6/9/2016 1
پي اينڊ ٽي ڪالوني ۾ جاري غير قانوني اڏاوتن ۽ ناجائز تجاوزات جو ڌنڌو فوري طور تي بند ڪرايو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 9 جون 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڊفينس ڪلفٽن جي علائقي پي اينڊ ٽي ڪالوني ۾ غير قانوني اڏاوتن ۽ ناجائز تجاوزات جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته پي اينڊ ٽي ڪالوني ۾ جاري غير قانوني اڏاوتن ۽ ناجائز تجاوزات جو ڌنڌو فوري طور تي بند ڪرايو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته انهن غير قانوني اڏاوتن ۽ ناجائز تجاوزات جي ڪري پي اينڊ ٽي ڪالوني جا ماڻهو احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن. پر ان جي باوجود حڪومت ۽ انتظاميه جي طرفان غير قانوني اڏاوتون ۽ ناجائز تجاوزات جو  مڪروھ ڪاروبار بند ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به قسم جا قدم نه ٿا کنيا وڃن.جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن ڏوهارين ، قبضه مافيا، طالبان ۽ ٻين ڏوهارين جي خلاف آهي پر ان آپريشن ۾ صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم کي ئي نشانو بڻايو پيو وڃي. پر جڏهن ته جيڪي ڏوهاري ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتن ۽ ناجائز تجاوزات جي ڌنڌي ۾ ملوث آهن انهن جي خلاف ته ڪائي به ڪاروائي نه ٿي ڪئي وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي پي اينڊ ٽي ڪالوني ۾ غير قانوني اڏاوتن ۽ ناجائز تجاوزات کي فوري طور تي بند ڪرائين ۽ ان جي سرپرستي ڪرڻ وارن جي خلاف به سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي.
*****

4/20/2024 1:46:29 AM