Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو نئون سلسلو شروع ڪري شهر جي حالتن کي خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار


ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو نئون سلسلو شروع ڪري شهر جي حالتن کي خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 5/8/2016 1
ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو نئون سلسلو شروع ڪري شهر جي حالتن کي خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار
آپريشن کي آخري حد تائين پهچائڻ جي لاءِ دهشت گردن جي خلاف هڪ فيصلائتي آپريشن ڪرڻو پوندو
نائن زيرو تي پريس بريفنگ
ڪراچي: 8 مئي 2016 
                    ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو هڪ نئون سلسلو شروع ڪري شهر جو ماحول خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي به موجود هئا.ڊاڪٽر فاروق ستار خرم ذڪي جي ٽارگيٽ ڪلنگ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ سازش جي تحت ڪراچي جي امن کي ٻيهر خراب ڪيو پيو وڃي. انهن چيو  ته ڪراچي آپريشن جو رخ هڪ سازش جي تحت ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو جنهن جو سڌي ريت فائدو مذهبي انتها پسندن کي ٿيو ۽ ڪراچي کي انهن جي لاءِ جنت بڻايو ويو. انهن چيو ته جتي اسان اهو مطالبو ڪيو هو ته وڌندڙ دهشت گردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي خلاف ڪراچي ۾ آپريشن ڪيو وڃي ته اتي اڄ اسان اهو به چئون ٿا ته خدا جي واسطي ڪراچي 

آپريشن جي رخ کي درست ڪيو وڃي ته جيئن انسانيت جي اصل دشمنن ۽ مذهبي انتها پسندن جو خاتمو ٿي سگهي. انهن چيو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف آفتاب احمد شهيد جي قتل جو نوٽس ورتو آهي ته اسان ان جو خير مقدم ڪيو آهي ۽ اسان اڳتي به اها اميد ڪريون ٿا اهي اسان جي ڦٽن تي مرهم رکندا. انهن چيو ته وري ايم ڪيو ايم جي اڪثريتي علائقن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن ٻيهر غلط فهميون پيدا ڪيون وڃن ۽ هڪ ڀيرو وري من گهڙت رپورٽ تيار ڪئي وڃي ته ان ۾ ايم ڪيو ايم جو ويڙهاڪ ونگ يا ايم ڪيو ايم جا عناصر ملوث ٿي سگهن ٿا. پر جڏهن ته مختلف وڏن واقعن ۾ اهڙيون ئي قياس آرائيون ٿيون هيون جيئن جو سانحه صفورا ۽ پروفيسر شڪيل اوج جهڙن واقعن ۾ به اسان جي ئي خلاف پروفيگنڊو ڪيو ويو هو. پر جڏهن ڏوهاري پڪڙيا ويا ته کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويو. ڇو جو انهن واقعن ۾ پابندي وڌل تنظيمن جا دهشت گرد ملوث نڪتا.انهن چيو ته ايم ڪيو  ايم ۽ رياستي ادارن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.انهن چيو ته اسان هڪ نئين دور جو آغاز ڪرڻ چاهيون ٿا اسان جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر حلف کڻندا ته مسئلا به حل ٿيڻ لڳندا. انهن چيو ته خرم ذڪي پنهنجي سوشل ميڊيا تي آفتاب احمد جي شهادت جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي هئي. ڇا انهن کي ان جي ئي سزا ڏني وئي آهي؟ انهن چيو ته ڊفينس ۾ القائده جو گروپ پڪڙيو ويو آهي جيڪو وزير اعلٰي جي پٽ ۽ نامزد ميئر وسيم اختر جي ريڪي ڪري رهيو هو ۽ انهن کي اغوا ڪرڻ چاهي پيو ، اسان آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڊي جي رينجر کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي وسيم اختر جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻرائين. انهن مطالبو ڪيو ته آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ  دهشت گردن جي خلاف فيصلائتي آپريشن ڪيو وڃي.انهن چيو  ته دهشت گردن جي خلاف آپريشن تي اسان پهرين به قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن سان گڏ هئاسين ۽ اڄ به گڏ آهيون.   
*****

4/19/2024 11:44:55 AM