Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ماءُ هڪ اها عظيم هستي آهي جنهن کي عزت ۽ احترام ڏيڻ کان سواءِ هي سماج مهذب ۽ ترقي يافته بڻجي نه ٿو سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ماءُ هڪ اها عظيم هستي آهي جنهن کي عزت ۽ احترام ڏيڻ کان سواءِ هي سماج مهذب ۽ ترقي يافته بڻجي نه ٿو سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 5/8/2016 1
ماءُ هڪ اها عظيم هستي آهي جنهن کي عزت ۽ احترام ڏيڻ کان سواءِ هي سماج مهذب ۽ ترقي يافته بڻجي نه ٿو سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 8 مئي 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ماءُ  کي عظمت ۽ احترام جو درجو ڏيئي ڪري ئي  دنيا ۽ آخرت جون سچيون خوشيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. ۽ ماءُ هڪ اها عظيم هستي آهي جنهن کي عزت ۽ احترام ڏيڻ کان سواءِ سماج ترقي يافته ۽ باشعور بڻجي نه ٿو سگهي. امڙين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ماءُ جي هنج ٻار جي لاءِ پهرين درسگاھ هوندي آهي ۽ ماءُ صرف ٻار جي نه بلڪه پوري نسل جي پرورش ڪري ٿي. انهن فرمايو ته منهنجي بهادر والده محترمه خورشيد بيگم مرحومه به مون کي هميشه حق ۽ سچ جي تلقين ڪئي ۽ حق پرستي جي رستي ۾ ايندڙ مشڪلاتن جو ڄمي ڪري مقابلو ڪرڻ جو حوصلو ڏنو ۽ اڄ مان جيڪو ڪجھھ به آهيان اهو منهنجي پياري امڙ جي بهترين تعليم ۽ تربيت جو  ئي نتيجو آهي. جناب الطاف حسين امڙين جي عالمي جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم امڙين کي دلي مبارڪباد به پيش ڪئي ۽ امڙين جي عظمت کي زبردست سلام تحسين به پيش ڪيو.
*****

4/18/2024 10:50:58 PM