Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خرم ذڪي شهيد جي قاتلن ۽ انهن جي سرپرستن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


خرم ذڪي شهيد جي قاتلن ۽ انهن جي سرپرستن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 5/8/2016 1
خرم ذڪي شهيد جي قاتلن ۽ انهن جي سرپرستن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 8 مئي 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ معروف سماجي ڪارڪن خرم ذڪي جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته خرم ذڪي شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين ڪراچي ۽ ان جي شهرين جي لاءِ خرم ذڪي جي سماجي خدمتن کي ساراهيندي فرمايو ته شهيد ڪراچي جي تعمير و ترقي، مڪاني ادارن جي اختيارن، شهرين جي حقن ۽ فرقي واريت جي خلاف هر سطح تي آواز بلند ڪئي ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي فرقي وارانه هم آهنگي سميت ٻين سماجي مسئلن سان گڏو گڏ ڪراچي جي مسئلن کي به اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو حق پرستانه ڪردار ادا ڪندا رهيا. ڪراچي ۽ ان جي شهرين جي حقن جي جدوجهد ۽ حق گوئي جي ڏوھ ۾ ئي وحشي دهشت گردن خرم ذڪي کي دهشت گردي جو نشانو بڻائي ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. جناب الطاف حسين خرم ذڪي شهيد جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته خرم ذڪي جي شهادت سان مون کي دلي صدمو پهتو آهي ۽ ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي خرم ذڪي شهيد جا درجات بلند فرمائي، انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين. ان کان علاوه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته اهي خرم ذڪي جي وحشياڻي قتل جو سنجيدگي سان نوٽس وٺن ۽ انهن جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏيارين ۽ شهرين جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ ٺوس ۽ مثبت قدم به کڻڻ. 
*****


4/19/2024 2:05:25 PM