Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حيدرآباد زون آفيس، عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين ۽ امڙين جي بي حرمتي جي خلاف ايم ڪيو ايم حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ميرپورخاص، نواب شاھ ۽ سانگهڙ زون جي زير اهتمام پريس ڪلبن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

 Posted on: 5/15/2016

حيدرآباد: 15 مئي 2016 
                    متحده قومي موومينٽ حيدرآباد ، ٽنڊو الهيار، سکر، نواب شاھ ، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ زون جي زير اهتمام حيدرآباد ۾ ڇاپن، گرفتارين ۽ امڙين جي بي حرمتي ڪرڻ جي خلاف پريس ڪلبن تي مظاهرا ڪيا ويا. انهن مظاهرن ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن محفوظ يار خان، گلفراز خان خٽڪ، اسيمبلي ميمبرن، زونل انچارجن، عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبرن محفوط يار خان ۽ گلفراز خان خٽڪ چيو  ته سرڪاري سرپرستي ۾ ضمير فروش ٽولي جي غنڊن گذريل ڏينهن حيدرآباد جي زونل آفيس تي حملو ڪيو ۽ فائرنگ به ڪئي. ۽ يونٽ کي به باھ ڏيئي ڪري ساڙي ڇڏيو. پر انهن ڏوهاري ماڻهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ رينجر ابتڙ ايم ڪيو ايم جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ڇاپن جي دوران عورتن سان بدتميزي به ڪئي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار کان مطالبو ڪيو ته اهي حيدرآباد زون آفيس، عهديدارن  ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ بي ڏوهي گرفتارين جو سلسلو بند ڪرائين ۽ ايم ڪيو ايم جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين. 
*****

4/25/2024 8:22:12 AM