Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان کي بهتر انداز ۾ هلائڻو آهي ته نوان صوبا بڻائڻا پوندا ۽ اسان کي به اسان جو صوبو ڏيڻو پوندو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


پاڪستان کي بهتر انداز ۾ هلائڻو آهي ته نوان صوبا بڻائڻا پوندا ۽ اسان کي به اسان جو صوبو ڏيڻو پوندو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 5/15/2016
پاڪستان کي بهتر انداز ۾ هلائڻو آهي ته نوان صوبا بڻائڻا پوندا ۽ اسان کي به اسان جو صوبو ڏيڻو پوندو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
اسان جي صوبي ۾ جيڪي به زبانون ڳالهائڻ وارا رهن ٿا  انهن کي هتان ڪوئي به نه ڪڍندو، سڀني جو ان صوبي تي برابر جو حق هوندو ۽ ميرٽ جي بنياد تي سڀني کي انهن جو حق ملندو
گلستان جوهر ريذيڊنس ڪميٽي جي تحت منعقد ڪيل اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب
لنڊن: 15 مئي 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان کي بهتر انداز ۾ هلائڻو آهي ته نوان صوبا بڻائڻا پوندا ۽ اسان کي به اسان جو صوبو ڏيڻو پوندو. انهن واضع لفظن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالھھ کي ورجايو ته اسان جي صوبي ۾  جيڪو به پنجابي، پختون، سنڌي، بلوچي، هزاري وال، سرائيڪي، ڪشميري ۽ ٻين قومن، برادرين ۽ مذهبن جي مڃڻ وارا رهن ٿا انهن کي هتان ڪڍيو نه ويندو. بلڪه انهن جو ان صوبي تي برابر جو حق هوندو ۽ ميرٽ جي بنياد تي انهن کي انهن جو حق ملندو.  انهن خيالن جو اظهار انهن گلستان جوهر ريذيڊنس ڪميٽي جي تحت منعقد ڪيل اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو.  تقريب ۾ ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪندڙن کان علاوه پروفيسرن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن،وڪيلن، صحافين، شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ معززن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين قرآن پاڪ جي سوره الحجرات جي آيت جو ترجمو بيان ڪندي فرمايو  جنهن ۾ الله تعالٰي ارشاد فرمائي ٿو ته اي انسانو اسان توهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو ، پوءِ توهان کي اسان ٽولن ۽ قومن ۾ ورهايو ته جيئن توهان ۾ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهو. پر توهان مان افضل اهو ئي آهي جيڪو ڪردار ۽ تقوٰي ۾ اعلٰي هوندو. انهن فرمايو ته بدقسمتي سان اسان پنهنجي پاڻ کي مسلمان پاڪستاني چوندا رهياسين پر اسان قرآن پاڪ جي ان آيت مبارڪ جي روشني ۾ پنهنجي سڃاڻپ جي ڪوشش نه ڪئي. انهن فرمايو ته قيان پاڪستان کان پوءِ پاڪستان تي ان مفاد پرست عناصر جو تسلط قائم ٿي ويو. جن تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ ڪوئي به ڪردار ادا نه ڪيو هو ۽ جيڪي بانيان پاڪستان کي تعصب جي نظر سان ڏسندا رهيا. انهي جي ڪري باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح کي قتل ڪيو ويو. پوءِ راولپنڊي جي جلسي ۾ خان لياقت علي خان کي شهيد ڪيو ويو ۽ پوءِ محترمه فاطمه جناح کي به قتل ڪيو ويو. پر اڄ تائين انهن جي قتلن جون تحقيقات سامهون نه آيون آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته قيام پاڪستان کان پوءِ قائد اعظم جن تعليم يافته مهاجر اعلٰي آفيسرن کي پاڪستان آڻي ڪري ملڪ هلائڻ جي دعوت ڏني هئي انهن پاڪستان جو انتظام هلائڻ جي لاءِ انفراسٽڪچر بڻايو ۽ پاڪستان کي سنڀاليو.پر مطلب نڪرڻ کان پوءِ انهن کي تعصب ۽ نفرت جي ور چاڙهيو ويو. پهرين فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان جي دور ۾ انهن مهاجر اعلٰي آفيسرن کي هڪ ئي وقت قلم جي مار سان نوڪرين مان ڪڍيو ويو. پوءِ يحٰي خان جي دور ۾ مهاجر اعلٰي آفيسرن جو معاشي قتل عام ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ نيشنلائيزيشن جي پاليسي جي تحت مهاجرن جي صنعتن، فيڪٽرين، ملن، تعليمي ادارن، بينڪن ۽ انشورنس ڪمپنين کي قوميايو ويو ۽ جڏهن اهي ادارا ڊي نيشنلائيز ڪيا ويا ته مهاجرن کي انهن جا ادارا واپس نه ڪيا ويا. 1964 ۾  جنرل ايوب خان ۽ محترمه فاطمه جناح جي وچ ۾ صدارتي اليڪشن ٿيو ته ڪراچي جي عوام محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. ان اليڪشن ۾ جنرل ايوب خان ڌاندلي سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏيڻ جي ڏوھ ۾ ڪراچي جي عوام کي انتقام جو نشانو بڻايو ۽ جشن فتح جي آڙ ۾ جنرل ايوب جي پٽ گوهر ايوب پنهنجي سربراهي ۾ صوبي سرحد کان پنهنجن حمايتن کي ڪراچي آڻي ڪري انهن کي ٻڌايو ته اهي ڪافرن سان وڙهڻ جي لاءِ وڃي رهيا آهن ۽ پوءِ مهاجر آبادين تي هٿيار بند حملا ڪرايا. عورتن جي بي حرمتي ڪئي وئي. مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو ۽ مهاجرن جي ملڪيتن کي کي لٽي ڪري باھ ڏيئي ڪري ساڙيو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن ان وقت مهاجر اڪابرن ان ظلم ۽ ناانصافي جي خلاف احتجاج جي آواز بلند ڪن ها ته اڄ ايم ڪيو ايم بڻائڻ جي ضرورت پيش نه اچي ها.  اڄ ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين تي الزام عائد ڪيو وڃي ٿو ته اسان لسانيت ڦيلائي جڏهن ته اهي تاريخي حقيقتون آهن ته  مهاجرن کي قيام پاڪستان کان پوءِ تعصب ۽ عصبيت جو نشانو بڻايو ويندو رهيو آهي ۽ الطاف حسين جو ڏوھ  اهو آهي ته ان وڪريل مهاجرن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري انهن کي بهادر بڻائي ڇڏيو آهي. انهن فرمايو ته 70 جي ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي مقبوليت جو آغاز به ڪراچي کان ٿيو. پر“ روٽي ڪپڙا ۽ گهر ۽ سوشلزم اسان جي معيشت” ڏيڻ واري جماعت جڏهن اقتدار ۾ آئي ته معراج محمد خان کي گرفتار ڪري انهن تي ان قدر وحشياڻو تشدد ڪيو ويو جو اهي اڄ تائين بيماري جي بستري تي آهن. ڀٽي جي سوٽ ۽ ان وقت جي وزير اعلٰي سنڌ ممتاز علي ڀٽي لاڙڪاڻي، شڪارپور، خيرپور ۽ اندرون سنڌ جي ٻين شهرن ۾ مهاجرن کي ظلم جو نشانو بڻائي ڪري انهن کي پنهنجا ڀريل گهر ڇڏي ڪري هجرت ڪرڻ تي مجبور ڪيو . سنڌ اسيمبلي ۾  لساني بل جي خلاف“ اردو کا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي ” جو نعرو هڻڻ وارن مهاجرن کي رت ۾ وينجهاريو ويو. ان وقت نه ته ايم ڪيو ايم هئي ۽ نه ئي الطاف حسين سياست جي ميدان ۾ هو. جيڪڏهن ان وقت مهاجر وڏڙا ان ظلم جي خلاف متحد ٿي وڃن ها ۽ پنهنجي پاڻ کي مهاجر قرار ڏيڻ ۾ شرم محسوس نه ڪن ها ته الطاف حسين کي مهاجرن جي حقن جي جدوجهد جي لاءِ ميدان ۾ نه اچڻو پوي ها. جناب الطاف حسين فرمايو ته 1978 ۾ جڏهن اسان مهاجر شاگردن جي حقن جي لاءِ اي پي ايم ايس او بڻائي ته جماعت اسلامي جي غنڊن اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري ڪراچي يونيورسٽي ۽ ٻين تعليمي ادارن مان ڪڍي ڇڏيو ، ان کان پوءِ اسان ڪراچي جي گهٽين ۾ پنهنجو پيغام ڦيلائڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ڏينهن رات ڪم ڪندا رهياسين ۽ 8 آگسٽ 1986 تي ڪراچي جي تاريخي نشتر پارڪ ۾ پهريون عوامي جلسو ڪيو. جنهن جي شرڪاء جي نظم و ضبط مثالون اڄ به ڏنيون وڃن ٿيون. انهن فرمايو ته جڏهن مهاجرن کي لڳاتار ورهائڻ جون سازشون ڪيون وڃي رهيون هيون. بريلوي، ديوبندي، وهابي، شيعه ۽ سني جي تفريق پيدا ڪئي وڃي رهي هئي ۽ شيعه سني فساد معمول بڻجي ويا هئا. ته مان اڪيلو شخص هيس جيڪو شيعه سني علائقن ۾ وڃي ڪري فرقي وارانه فسادن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي ويندو هو، گهٽي گهٽي وڃي ڪري فرقي وارانه هم آهنگي جو درس ڏيندو هيس.جنهن جي نتيجي ۾ شيعه سني عوام جي وچ ۾ نفرتن جو خاتمو ٿيو. فرقي واريت جي آڙ ۾ گهڻڻ ئي شيعه عالمن، شيعن ڊاڪٽرن ۽ سني عالمن سڳورن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو ويو. پر الله تعالٰي جي فضل و ڪرم سان ڪنهن به علائقي ۾ عوامي سطح تي شيعه سني فساد جي سازش ڪامياب نه ٿي سگهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته لنڊن کان ڪراچي آمد جي موقعي تي عائشه منزل وٽ مون تي پهريون خودڪش حملو ٿيو.پر الله تعالٰي جي فضل و ڪرم سان مان ان حملي ۾ محفوظ رهيس ۽ مون تي حملو ڪرڻ وارن جي هٿن ۾ گرنيڊ ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ اهو پاڻ ئي هلاڪ ٿي ويو. جنهن جي ڪري ساٿين مون کي زبرستي لنڊن موڪلي ڇڏيو ۽ اڄ مان 25 سالن کان جلاوطني جي ڏکوئيندڙ زندگي گذاري رهيو آهيان. حق پرستي جي ان جدوجهد جي دوران ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن شهادت جو درجو حاصل ڪيو. هزارين ساٿين قيد جون تڪليفون برداشت ڪيون. سوين ڪارڪن گرفتاري کان پوءِ اڄ تائين لاپتا آهن. پر تمام تر ڏکيائين ۽ ظلمن جي باوجود اسان پنهنجي جمهوري جدوجهد کان پوئتي نه هٽياسين ۽ اها جدوجهد اڄ به جاري آهي. انهن فرمايو ته نائن اليون سانحي کان پوءِ پاڪستان ۾ هر هنڌ  مدرسا قائم ڪيا ويا. جتي سوويت يونين ۽ آمريڪا جي سرد جنگ جي دوران سوويت فوج سان وڙهڻ جي لاءِ مجاهد تيار ڪيا ويا ۽ اڄ پوري دنيا اهو چئي رهي آهي ته پاڪستان مذهبي انتها پسندن جي تربيت جو گڙھ آهي. انهن فرمايو ته قائد اعظم جي قيادت ۾ عوام پاڪستان بڻايو هو. پر پاڪستان جا 98 سيڪڙو غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو اڄ به حڪمراني جي حق کان محروم آهن. انهن فرمايو ته قيام پاڪستان جي وقت فوج برطانيه جي اثر هيٺ هئي. پر سلطنت برطانيه جي زوال کان پوءِ فوج آمريڪا جي اثر هيٺ اچي وئي. فوج بدقسمتي سان مهاجرن کي تسليم نه ڪيو. انهن جي حب الوطني تي شڪ ڪيو ويو. انهن کي برابر جو پاڪستاني تسليم نه ڪيو ويو. انهن فرمايو ته هڪ طرف ته مهاجرن کي چيو وڃي ٿو ته اهي سنڌ ۾ رهن ٿا ان جي ڪري اهي سنڌي آهن. پر جڏهن به اسان سنڌ ۾ گڏيل حڪومتن جو حصو بڻياسين ۽ اسان اڪثريت ۾ هئاسين پر ڪڏهن به مهاجر وزير اعلٰي کي قبول نه ڪيو ويو. جيڪڏهن اسان سنڌي آهيون ته سنڌي سمجهي ڪري اسان کي وزارت اعلٰي ڇو نه ڏني وئي. انهن فرمايو ته اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان کي بهتر انداز ۾ هلائڻو آهي ته نوان صوبا بڻائڻا پوندا ۽ اسان کي به اسان جو صوبو ڏيڻو پوندو. انهن واضع لفظن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ان ڳالھھ کي ورجايو ته اسان جي صوبي ۾ جيڪو به پنجابي، پختون، سنڌي، بلوچ، هزاري وال، سرائيڪي، ڪشميري ۽ ٻين قومن، برادرين ۽ مذهبن جي مڃڻ وارا رهن ٿا انهن کي هتان ڪڍيو نه ويندو. بلڪه انهن جو به ان صوبي ۾ برابر جو حق هوندو. ۽ ميرٽ جي مطابق سڀني کي انهن جو حق ملندو. انهن ڪراچي ۽ سنڌ جي شهري علائقن  ۾ آباد سنڌين، پنجابين، بلوچن، پختونن، هزاري وال، سرائيڪين ۽ ٻين قومن جي ماڻهن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اسان اوهان کي به مهاجر سمجهون ٿا. ڇو ته اوهان به پنهنجو بار ڇڏي ڪري هتي روزگار ڪرڻ آيا آهيو. اوهان ايم ڪيو ايم سان گڏ اچي وڃو ۽ اسان سان گڏجي ڪري صوبي جي جدوجهد ڪريو. جناب الطاف حسين اجتماع ۾ موجود معززن کي چيو ته اهي به خاموشي جو تالي کي ٽوڙي ڇڏين ۽ ظلم ۽ ناانصافين جي خاتمي ۽ حقن جي حصول جي لاءِ اڳتي اچن.انهن فرمايو ته مان 25 سالن کان پنهنجي وطن کان پري آهيان. پر مان پنهنجي وطن واپس اچڻ چاهيان ٿو. پنهنجن شهيدن جي قبرن تي وڃڻ چاهيان ٿو ۽ پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي قبرن تي به وڃڻ چاهيان ٿو. ان جدوجهد جي دوران اسٽيبلشيمنٽ ڪيترائي دفعا مون کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مون وٽ نوٽن سان ڀريل بريف ڪيس موڪليا. پر مان پنهنجو سودو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بريگيڊيئر امتياز اڃان به زنده آهن. جيڪي ميڊيا تي به ان ڳالھھ جي گواهي ڏيئي چڪا آهن. جناب الطاف حسين ڊي جي رينجر بلال اڪبر کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان اسان کي پنهنجو دشمن نه سمجهو. بلڪه پنهنجو سمجهو. ايم ڪيو ايم جي خلاف 1992 کان آپريشن جاري آهي، پر ايم ڪيو ايم کي ختم نه ڪري سگهيو ويو. ۽ تمام تر ظلمن ۽ شهادتن جي باوجود ڪارڪن ۽ عوام اڄ به مون سان گڏ آهن. ان جي ڪري ايم ڪيو ايم جي خلاف ننڍا ننڍا گروپ بڻائڻ ۽ انهن جي سرپرستي ڪرڻ جي بجاءِ ايم ڪيو ايم جي وجود کي تسليم ڪيو وڃي. جنهن کي عوامي حمايت حاصل آهي. انهن فرمايو ته اسان سڀني قومن جو احترام ڪريون ٿا ان جي ڪري مهاجرن جو به احترام ڪيو وڃي ۽ انهن جي وجود کي به تسليم ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته جتي لساني انفرادي سڃاڻپ جو تصور فروغ پائيندو هجي اتي هڪ قوم جو تصور پروان نه ٿو چڙهي ۽ جڏهن ڪلچر پلورازم يعني لساني ۽ ثقافتي اجتماعيت جو تصور فروغ پائڻ لڳي ٿو ته هڪ قوم جو تصور مضبوط ٿئي ٿو. ان جي ڪري سمورين قومن ۽ سمورين زبانون ڳالهائڻ وارن سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪيو وڃڻ گهرجي. جناب الطاف حسين فريمايو ته اسان پاڪستان کان فيوڊل سسٽم جو خاتمو چاهيون ٿا. ڇو ته فيوڊل سسٽم جمهوريت جي ضد آهي. انهن اجتماع جي شرڪاء کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ ۽ تمام تر مشڪلاتن ۽ پروفيگنڊن جي باوجود ايم يڪو ايم جو ساٿ ڏيڻ تي خراج تحسين به پيش ڪيو. 
*****

4/19/2024 3:40:09 PM