Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم حيدرآباد جي زونل ڪميٽي جي ميمبرن سيد سهيل مشهدي،رفيق اجميري ۽ راحيل فهيم جي گرفتاري ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا وڏو ظلم آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت


ايم ڪيو ايم حيدرآباد جي زونل ڪميٽي جي ميمبرن سيد سهيل مشهدي،رفيق اجميري ۽ راحيل فهيم جي گرفتاري ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا وڏو ظلم آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
 Posted on: 5/15/2016
ايم ڪيو ايم حيدرآباد جي زونل ڪميٽي جي ميمبرن سيد سهيل مشهدي،رفيق اجميري ۽ راحيل فهيم جي گرفتاري ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا وڏو ظلم آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
لنڊن: 15 مئي 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر نديم نصرت حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي مقامي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته رينجر حيدرآباد ۾ اچانڪ ڇاپا ۽ گرفتاريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. رينجر حيدرآباد  جي زونل ڪميٽي جي ميمبرن سيد سهيل مشهدي، رفيق اجميري ۽ راحيل فهيم کي انهن جي گهرن تي ڇاپا هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو. سهيل مشهدي ۽ رفيق اجميري حق پرست يوسي چيئرمين به آهن. رينجر اي پي ايم ايس او جي سيڪٽر انچارج علي رضا وڪيل جي گهر تي به ڇاپو هنيو، انهن جي نه ملڻ تي انهن جي پيرسن پيءُ محمد وڪيل کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. رينجر اي پي ايم ايس او جي سابق سيڪٽر ميمبر عامر خانزاده جي گهر تي به ڇاپو هنيو. اهي پنهنجي گهر تي نه مليا ته رينجر انهن جي ڀاءُ جي گهر تي ڇاپو هنيو. رينجر حالي روڊ جي علائقي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن نعيم ڇيپا ۽ شبير گدي جي گهرن تي به ڇاپا هنيا. رينجر اهي ڇاپا بغير ڪنهن وارنٽ جي هنيا ۽ رينجر وارن عورتن سان بدتميزي به ڪئي. سهيل مشهدي، رفيق اجميري ۽ راحيل 

فهيم کي رينجر اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جي باري ۾ ڪجھھ به ٻڌايو نه ٿو وڃي. نديم نصرت انهن گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ ئي اسٽيبلشمينٽ جي قائم ڪيل ٽولي جي ڏوهاري  ماڻهن خان چاڙهي جي علائقي ۾ ايم ڪيو ايم جي زونل آفيس تي حملو ڪري زونل ڪميٽي جي ميمبرن ، اسيمبلي ميمبر راشد خلجي ۽ ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پنجره پول جي علائقي ۾ يونٽ آفيس کي باھ به ڏيئي ڇڏي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي تمام تر ڪوششن جي باوجود پوليس انهن جي خلاف ڪوئي به ڪيس داخل نه ڪيو آهي. نديم نصرت چيو ته ضمير فروش ٽولي کي حيدرآباد ۾ ڪائي به پذيرائي نه ملي رهي آهي انهي جي ڪري  رينجر جي ذريعي حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪري  ڏوهاري ماڻهن تي ٻڌل ان ٽولي کي حيدرآباد تي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. نديم نصرت چيو ته اهي بي ڏوهي گرفتاريون وڏو ظلم آهي ۽ اسان ان ظلم جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائينداسين. نديم نصرت مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي انهن گرفتار ٿيل عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ رياستي ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. 
*****       

4/19/2024 4:31:20 AM