Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ناانصافين جي خاتمي جي لاءِ ضروري ٿي ويو آهي ته الڳ صوبي جي لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ناانصافين جي خاتمي جي لاءِ ضروري ٿي ويو آهي ته الڳ صوبي جي لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 5/1/2016 1
ناانصافين جي خاتمي جي لاءِ ضروري ٿي ويو آهي ته الڳ صوبي جي لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ڪوئي به سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ وڃي ڪري ڏسي سگهي ٿو ته ڪلارڪ کان وٺي ڪري چيف سيڪريٽري تائين سڀني عهدن تي ڪوئي به مهاجر نظر نه ايندو
جام صادق، لياقت علي جتوئي ۽ ارباب رحيم جي حڪومتن ۾ اڪثريت ۾ هجڻ جي باوجود اسان جو وزير اعلٰي قبول نه ڪيو ويو
گلشن اقبال ريذيڊنس ڪميٽي جي زير اهتمام منعقد ٿيندڙ اجتماع کي خطاب
لنڊن: پهرين مئي 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته زندگي جي هر شعبي ۾ ڪئي ويندڙ ناانصافين ۽ حق تلفين جي خاتمي جي لاءِ هاڻي ضروري ٿي ويو آهي ته الڳ صوبي جي لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي. ان جي لاءِ زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ مهاجر اڪابر ۽ پروفيشنل ماڻهو اسان جو ساٿ ڏين ۽ اڳتي وڌي ڪري ان عملي جدوجهد ۾ اسان جو ساٿ ڏين. انهن خيالن جو اظهار انهن گلشن اقبال ريذيڊنس ڪميٽي جي زير اهتمام منعقد ٿيندڙ اجتماع کي خطاب ڪندي فرمايو. اجتماع ۾ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن، جي پروفيسرن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، واپارين، شاعرن، اديبن، دانشورن، وڪيلن، رٽائر ججن، بيوروڪريٽن، شاگرد يوٿ ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي.جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان وٺي ئي مهاجرن سان تعليم، روزگار ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ وڏيون ناانصافيون ڪيون ويون آهن. انهن جو استحصال ڪيو ويو آهي. هر دور ۾ انهن جو قتل عام ڪيو ويو آهي ۽ هر دور ۾ انهن کي نوڪرين مان به ڪڍيو ويو آهي. سنڌ ۾ ٻهراڙي سنڌ جي لاءِ 60 سيڪڙو ۽ شهري سنڌ جي لاءِ 40 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪيو ويو. پر شهري سنڌ جي ماڻهن کي نوڪرين ۾ 40 سيڪڙو نوڪريون به نه ڏنيون ويون. بلڪه مهاجر هجڻ جي بنياد تي انهن جي لاءِ نوڪرين جا دروازا  بند ڪيا ويا. پهرين مهاجر نوجوان سي ايس ايس جي امتحان ۾ حصو وٺندا هئا، پر سٺن نمبرن سان پاس ٿيڻ جي باوجود انهن کي وڏين نوڪرين کان محروم رکيو ويو. انهن فرمايو ته اڄ ڪوئي به سنڌ  سيڪريٽريٽ ۾ وڃي ڪري ڏسي سگهي ٿو ته هڪ ڪلارڪ کان وٺي ڪري چيف سيڪريٽري تائين سڀني اهم عهدن تي ڪوئي به مهاجر نظر نه ايندو. اهڙي طرح ڪراچي جي پوليس ۾ به مهاجرن کي نه ٿو کنيو وڃي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪوئي به مهاجر نه آهي. پي پي جي زماني ۾ آصف علي زرداري سان معاهدو ٿيو هو ته پوليس ۾ شهري علائقن جي ماڻهن کي 40 سيڪڙو نوڪريون ڏنيون وينديون. پر انهن واعدن تي ڪوئي به عمل نه ڪيو ويو. مهاجرن سان نفرت ۽ تعصب جو اهو عالم آهي ته سنڌ جي وزير اعلٰي جي منصب جي لاءِ مهاجر کي ڪنهن به قيمت تي قبول نه ٿو ڪيو وڃي. جام صادق علي، لياقت علي جتوئي ۽ اربار رحيم جي گڏيل حڪومتن ۾ ايم ڪيو ايم اڪثريتي گروپ هو پر اڪثريت ۾ هجڻ جي باوجود اسان جو وزير اعلٰي قبول نه ڪيو ويو. جناب الطاف حسين اجتماع جي شرڪاء کي چيو ته انهن سمورين ناانصافين ۽ حق تلفين جي خاتمي جي لاءِ هاڻي ضروري ٿي ويو آهي ته الڳ صوبي جي قيام جي لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي. ان جي لاءِ زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ مهاجر اڪابر ۽ پروفيشنل َ ماڻهو اسان جو ساٿ ڏين ۽ اڳتي وڌي ڪري ان عملي جدوجهد ۾ اسان جو ساٿ ڏين. انهن فرمايو ته جيڪڏهن اسان زماني جي رفتار سان گڏ نه هليا سين ته پوءِ پوئتي رهجي وينداسين ۽ جيڪي پوئتي رهجي وڃن ٿا اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿا ٿين. انهن فرمايو ته قوم کي غلط تاريخ پڙهائي وڃي ٿي. نئين نسل کي ٻڌايو وڃي ٿو ته علامه اقبال خطبه اله آباد ۾ پاڪستان جو نظريو پيش ڪيو هو. جڏهن ته تاريخي حقيقت اها آهي ته علامه اقبال پنهنجي ڪنهن به خطبي، بيان يا نظم ۾ پاڪستان جو نظريو پيش نه ڪيو هو. بلڪه علامه اقبال خطبه اله آباد ۾ اها تجويز پيش ڪئي هئي ته هندستان جي اتر اولھھ علائقن جتي مسلمانن جي اڪثريت آهي. انهن کي هندستان جي جاگرافيائي حدن ۾ رهندي آزاد ۽ خودمختيار رياستن جو درجو ڏنو وڃي. انهن جي ان تجويز کي انهن جي هڪ شاگرد جنهن جو نالو راغب هو، انهن پنهنجي ڪتاب ۾ جڏهن اهو دعوٰي ڪيو ته علامه اقبال نظريه پاڪستان پيش ڪيو آهي ته علامه اقبال ان تي ناراضگي جو اظهار ڪيو. اهڙي طرح قائد اعظم محمد علي جناح به پاڪستان نه چاهيندا هئا. بلڪه اهي مسلمانن جا حق چاهيندا هئا. پر برطانيه هر قيمت تي هندستان جي ورهاست جو فيصلو ڪري ورتو هو. انهي جي ڪري مسلمانن ۽ هندن کي ورهائڻ جي لاءِ فساد برپا ڪيو ويو. جڏهن تمام گهڻو فساد ٿي ويو ته قائد اعظم فرمايو ته هاڻي پاڪستان ناگزير آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته 23 مارچ 1940 تي لاهور ۾ منظور ٿيندڙ قرارداد کي قرارداد پاڪستان چيو وڃي ٿو. جڏهن ته حقيقت ۾ اها قرارداد لاهور هئي. جنهن جو ثبوت اهو آهي ته ان قرارداد ۾ ڪٿي به پاڪستان جو لفظ نه آهي ۽ جيڪو به چاهي اهو لاهور ۾ مينار پاڪستان تي وڃي ڪري ان قرارداد کي ڏسي سگهي ٿو. جيڪا اڄ به مينار پاڪستان تي اڪريل آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته قائد اعظم 11 آگسٽ 1947 تي دستور ساز اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته هاڻي پاڪستان بڻجي چڪو آهي. هندو آزاد آهي اهو ٽڪاڻي ۾ وڃي، مسلمان آزاد آهي اهو مسجد ۾ وڃي، سک آزاد آهي اهو گرجا ۾ وڃي. مذهب جو رياست جي معاملن سان ڪوئي به تعلق نه آهي.انهن فرمايو ته اڄ پاڪستان کي قائد اعظم جي خواب جي مطابق بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. جتي سمورن شهرين کي برابر جا حق حاصل هجن. ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به مذهب، قوم يا علائقي سان هجي. ان موقعي تي اجتماع جي شرڪاء جناب الطاف حسين جي خيالن سان مڪمل اتفاق ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ عزم جو اظهار به ڪيو. جناب الطاف حسين شاندار اجتماع جي انعقاد تي گلشن اقبال ريذيڊنس ڪميٽي جي انچارج ۽ ميمبرن کي خراج تحسين به پيش ڪيو. 
*****

4/26/2024 12:41:44 PM