Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آرمي چيف جنرل راحيل شريف خدا جي واسطي ڪراچي آپريشن ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي به توجه ڏيو. ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل


آرمي چيف جنرل راحيل شريف خدا جي واسطي ڪراچي آپريشن ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي به توجه ڏيو. ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل
 Posted on: 4/23/2016
آرمي چيف جنرل راحيل شريف خدا جي واسطي ڪراچي آپريشن ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي به توجه ڏيو. ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل
گذريل ٽن سالن ۾ پنج هزار ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، 173 لاپتا آهن ۽ 1200 ڪارڪن جيلن ۾ به قيد آهن
ڪراچي پريس ڪلب تي ڌرڻي ۾ پريس بريفنگ
ڪراچي: 23 اپريل 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي اپيل ڪئي آهي ته اهي خدا جي واسطي ڪراچي آپريشن ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي به توجه ڏين. ملڪ جي احترام وارن ادارن جو اهو ڪم نه آهي ته اهي سياسي جماعتن جو مينڊيٽ زبردستي ڇنن. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب تي ڌرڻي ۾ پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جا سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، ڊاڪٽر فاروق ستار، رابطا ڪميٽي  ميمبر ، اسيمبلي ميمبر، لاپتا ۽ اسير ڪارڪنن جي گهر وارا پنهنجن ٻارن ٻچن سان گڏ هئا. ڪنور نويد جميل چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ امن پسند جماعت آهي ۽ ڪراچي جو سڀني کان وڏو مينڊيٽ ايم ڪيو ايم وٽ آهي. جناب الطاف حسين بار بار چئي چڪا آهن ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ ڪوئي ڏوهاري موجود آهي ته قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ٻڌائين  اسان پاڻ ان کي قانون جي حوالي ڪنداسين. پر ان سان قانون جي مطابق سلوڪ ڪيو وڃي. انهن چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ ايم ڪيو ايم جي پنج هزار ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جن مان هن مهل تائين 173 ڪارڪن لاپتا آهن ۽ 1200 ڪارڪن جيلن ۾ قيد آهن ۽ باقي جن کي ڇڏيو ويو آهي ته انهن کي سخت تشدد ڪري ڇڏيو ويو آهي. انهن چيو ته 3 مارچ کان پوءِ هن مهل تائين 208 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. جن مان 71 لاپتا آهن ۽ 25 ڪارڪن جن تي ڪوئي به ڪيس نه آهي انهن کي رينجر  90 ڏينهن جي لاءِ تحويل ۾ ورتو آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن۽ عهديدارن کي فون ڪري ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته اهي ضمير فروشن جي ٽولي ۾ شامل ٿي وڃن نه ته انهن کي جيل وڃڻو پوندو. انهن جنرل راحيل شيريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته انهن پنهنجي اداري ۾  احتساب جي  شروعات ڪئي آهي. پر خدا جي واسطي اهي هن آپريشن ۾ ٿيندڙ ناانصافي تي به توجه ڏين. انهن چيو ته ادارن جو ڪم اهو نه آهي ته اهي سياسي جماعتن جو مينڊيٽ ڇنن ۽ جيڪي آفيسر آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. انهن کي خبردار ڪيو وڃي ته اهي آپريشن کي ڏوهاري ماڻهن تائين محدود رکن.ان سان انهن ادارن جي ساک به بهتر ٿيندي. انهن چيو ته نائن زيرو تان عامر خان، قمر منصور ۽ هاڻي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا کي گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن تي تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته اسان اهو ڌرڻو ان جي لاءِ ڏنو آهي ته جيئن اسان حڪمرانن جي ضميرن کي ڌوڏي سگهون ته اهي اسان جي لاپتا ڪارڪنن کي بازياب ڪرائين ۽ جيڪي اسير آهن انهن کي به آزادي ڏيارين. انهن چيو ته اها وڏي افسوس جي ڳالھھ آهي ته آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ته ايم ڪيو ايم جي ڌانهن ٻڌي ورتي پر هتان جي حڪمرانن کي اسان جي ڪائي به پرواھ نه آهي ۽ ڪورٽون به اسان کي انصاف فراهم نه ڪري رهيون آهن.انهن ميڊيا کي به اپيل ڪئي ته اها به ان انساني مسئلي تي  توجه ڏيي.
*****


4/23/2024 9:05:58 PM