Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪرپشن ۾ ملوث فوجي جنرلن ۽ اعلٰي آفيسرن جي برطرفي جي فيصلي جو خير مقدم ڪريون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ڪرپشن ۾ ملوث فوجي جنرلن ۽ اعلٰي آفيسرن جي برطرفي جي فيصلي جو خير مقدم ڪريون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 4/22/2016
ڪرپشن ۾ ملوث فوجي جنرلن ۽ اعلٰي آفيسرن جي برطرفي جي فيصلي جو خير مقدم ڪريون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ڪرپشن سول ادارن سان گڏو گڏ فوج ۽ ان جي سمورن ادارن ۾ هيٺين سطح کان وٺي مٿين سطح تائين موجود آهي
جنرل راحيل شريف فوج، رينجر ۽ ڳجهن ادارن جي انهن اعلٰي آفيسرن جي خلاف به ڪاروائي ڪن جيڪي ايم ڪيو ايم کان ڪڍيل ماڻهن کي ايم ڪيو ايم جي خلاف بيهارڻ جي لاءِ ڏوڪڙ ڏيئي رهيا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 22 اپريل 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي طرفان ڪرپشن ۾ ملوث فوجي جنرلن ۽ ٻين اعلٰي آفيسرن جي برطرفي جي فيصلي جو زبردست خير مقدم ڪيو آهي ۽ ان کي مثبت قدم قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته ماضي ۾ فوج جا اهي جنرل ۽ اعلٰي آفيسر جن پنهنجي منصب جو ناجائز استعمال ڪيو  ۽ پنهنجي سنگين ڪرپشن ۽ غلط ڪمن جي ڪري فوج جي اداري جي ساک کي نقصان پهچايو هو. انهن آفيسرن جي ڪرپشن ۽ ٻين سنگين معاملن تي ايڪشن وٺڻ جي بجاءِ انهن جي پرده پوشي ڪئي ويندي رهي. پر اها ڳالھھ وڏي خوشي جي آهي ته جنرل راحيل شريف هن ڀيري فوج ۾ اعلٰي ترين سطح تي ڪرپشن جي سنگين معاملي کي سردخاني يا ردي جي ٽوڪري ۾ وجهڻ جي بجاءِ سنگين ڪرپشن ۾ ملوث فوجي جنرلن ۽ اعلٰي آفيسرن کي کلي عام برطرف ڪيو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جنرل راحيل شريف اهو وڏو فيصلو ڪري ان حقيقت کي تسليم ڪيو آهي ته ڪرپشن سول ادارن سان گڏو گڏ فوج ۽ ان جي سمورن ادارن ۾ هيٺين سطح کان وٺي مٿين سطح تائين موجود آهي ۽ صرف هيٺين سطح جا ئي آفيسر نه بلڪه اعلٰي سطح جا آفيسر به ڪرپشن ۾ ملوث آهن.انهن فرمايو ته ڪرپشن ۾ ملوث فوجي آفيسرن جي برطرفي ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪوئي به مقدس ڳئون نه آهي. ڀلي اهي سويلن ادارا هجن يا فوج يا عدالتون ئي ڇو نه هجن.جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي اها به اپيل ڪريون ٿا ته انهن جتي انهن جنرلن کي هٽائڻ جو قدم کنيو آهي اتي فوج، رينجر ۽ ڳجهن ادارن جي انهن اعلٰي آفيسرن جي خلاف به ڪاروائي ڪن، جيڪي سنڌ خصوصن ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کان ڪڍيل ماڻهن تي ٻڌل پارٽي بڻائي رهيا آهن. انهن کي ايم ڪيو ايم جي خلاف بيهارڻ جي لاءِ ڏوڪڙ فراهم ڪري رهيا آهن. جيڪي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، سينيٽرن، ايم اين ايز، ايم پي ايز، چيئرمينن ۽ پارٽي عهديدارن تي سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن ۽ ان مقصد جي لاءِ هر طرح جا ناجائز هٿڪنڊا اختيار ڪري رهيا آهن. انهن فرمايو ته اهو سمورو عمل به پنهنجي منصب جو غلط استعمال آهي ۽ اها به هڪ سنگين قسم جي ڪرپشن آهي. ان ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف به ڪاروائي ڪئي وڃي.ڀلي اهي ڪيترن ئي وڏن عهدن تي فائز ڇو نه هجن.
*****

4/19/2024 4:46:09 AM