Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اورنگي ٽائون ۾ پوليو جي ٽيمن تي دهشت گردن جي فائرنگ ۽ 7 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار


اورنگي ٽائون ۾ پوليو جي ٽيمن تي دهشت گردن جي فائرنگ ۽ 7 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 4/20/2016
اورنگي ٽائون ۾ پوليو جي ٽيمن تي دهشت گردن جي فائرنگ ۽ 7 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار
لنڊن: 20 اپريل 2016 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اورنگي ٽائون ۾ انسداد پوليو جي ٽيمن تي دهشت گردن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 پوليس اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته عوام جي حفاظت تي مقرر ٿيل پوليس اهلڪارن تي حملي جو اهو واقعو کليل دهشت گردي ۽ بزدلاڻه ڪاروائي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته پوليو ٽيمن جي حفاظت ڪرڻ وارين ٽيمن کي ماضي ۾ به پابندي وڌل تنظيمن جي طرفان نشانو بڻايو ويندو رهيو آهي ۽ ميڊيا جي رپورٽن جي مطابق شهيد ٿيندڙ اهلڪار پوليو جي ٽيمن جي حفاظت تي مقرر ٿيل هئا ته انهن کي وڏي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو. جنهن جي جيتيري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. جناب الطاف حسين حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو ته اها دهشت گردي جي ان وحشياڻي واقعي جو نوٽس وٺي ڪري قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري ۽ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي پونئرن کي نه صرف معاوضو ڏي بلڪه انهن جي گهر وارن جي ڪفالت به ڪري. جناب الطاف حسين شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي انهن شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي مغفرت فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.


4/17/2024 9:36:22 PM