Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪرپشن جي خاتمي جي حوالي سان جنرل راحيل شريف جو بيان مثبت آهي ۽ ملڪ کان ڪرپشن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ڪرپشن جي خاتمي جي حوالي سان جنرل راحيل شريف جو بيان مثبت آهي ۽ ملڪ کان ڪرپشن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 4/20/2016
ڪرپشن جي خاتمي جي حوالي سان جنرل راحيل شريف جو بيان مثبت آهي ۽ ملڪ کان ڪرپشن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
سياستدانن جو ضرور بغير ڪنهن فرق جي احتساب ڪيو وڃي پر جيڪي جنرل ۽ فوجي آفيسر به ڪرپشن ۾ ملوث آهن انهن جو به احتساب ڪيو وڃي
جيڪي فوجي آفيسر اصغر خان ڪيس ۾ سياستدانن ۾ پيسا ورهائڻ ۾ ملوث آهن انهن جو به احتساب ڪيو وڃي
لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي زير اهتمام منعقد ڪيل خواتين ڪارڪنن جي اجتماع کي خطاب
لنڊن: 20 اپريل 2016
  ايم ڪيو ايم جي قائد جناب  الطاف حسين فرمايو آهي ته ملڪ کان ڪرپشن جي خاتمي جي حوالي سان آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو بيان مثبت آهي، ملڪ کان ڪرپشن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته سياستدانن جو ضرور بغير ڪنهن فرق جي احتساب ڪيو وڃي پر ان سان گڏو گڏ جيڪي جنرلَ ۽ فوجي آفيسر به ڪرپشن ۾ ملوث آهن انهن جو به احتساب ڪيو وڃي. 
انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ شعبه خواتين جي زير اهتمام منعقد ڪيل خواتين ڪارڪنن جي اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي بيان جي حوالي سان فرمايو ته الطاف حسين جي پوري جدوجهد ڪرپشن جي خلاف ئي آهي. ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد جماعت آهي جو ان ۾ جڏهن ڪارڪنن جي ڪرپشن، لينڊ گريپنگ، چائينا ڪٽنگ،زمينن تي قبضن ۽ ٻئي ڪرپشن ۾ ملوث ٿيڻ جون شڪايتون ملن ٿيون ته  انهن جي خلاف تنظيمي طور تي ايڪشن ورتو وڃي ٿو ۽ ثابت ٿيڻ تي انهن کي تنظيم مان ڪڍيو به وڃي ٿو. هن مهل تائين ايم ڪيو ايم مان بيشمار ڪارڪنن کي ڪڍيو ويو آهي. انهن جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ڇا اها ڪرپشن نه آهي ته اسان جن ماڻهن کي زمينن ۽ پلاٽن تي قبضن، چائينا ڪٽنگ، ڀتا خوري، ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جي ڪري ايم ڪيو ايم مان ڪڍيو هو، اڄ انهن کي هڪ ايجنسي جي ڪجھھ آفيسرن جي سرپرستي ۾ پاڪستان آندو ويو. ڊفينس ۾ انهن کي ڪروڙين روپين جو بنگلو ڏنو ويو. جتي اهي ويهي ڪري روزانو ايم ڪيو ايم جي قيادت جي خلاف گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا ۽ انهن جي ڪردارڪشي ڪن ٿا.  انهن فرمايو ته اهي ضمير فروش ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر نديم نصرت جي ذات تي به بيهوده الزام لڳائي رهيا آهن. نديم نصرت ڪيترائي سال اڳ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا هئا. ڪجھھ سال انهن جو علاج هليو ۽ الله تعالٰي انهن کي ٻئي زندگي عطا ڪئي. اهي آمريڪا ۾ ڪيترن ئي سالن تائين پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان لاڳاپيل رهيا. ڪيترن ئي سالن کان پوءِ اهي تحريڪ کي آزمائش ۾ ڏسي ڪري تحريڪ جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ ٻيهر آيا آهن ته هاڻي اهي ماڻهو جيڪي ان دوران پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم جا اڇي ڪاري جا مالڪ هئا ۽ اڄ اهي تحريڪ سان بي وفائي ڪري چڪا آهن ته هاڻي اهي نديم نصرت تي ڪهڙي طرح الزام لڳائي سگهن ٿا ؟ جناب الطاف حسين جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته  مان اوهان جي ان بيان سان بلڪل متفق آهيان ته ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ کان سواءِ ملڪ ۾ پائيدار امن قائم ٿي نه ٿو سگهي. پر آئي  ايس آئي ۽ رينجر جا ڪجھھ آفيسر ايم ڪيو ايم کان ڪڍيل انهن ماڻهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ انهن جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن، جن جا نالاوڏين وڏين جي آئي ٽيز ۾ شامل آهن ته ڇا اها ڪرپشن نه آهي. ڇا ڪرپٽ ماڻهن جي پٺڀرائي جي لاءِ انهن رياستي ادارن جو پيسو لڳائڻ ڪرپشن نه آهي؟ انهن فرمايو ته اصغر ڪيس خان ڪيس ۾ آئي ايس آئي جي طرفان سياستدانن ۾ پيسا ورهائڻ ۾ جن فوجي آفيسرن جا نالا آهن. انهن کي سزا ڏيڻ کان سواءِ ان ڪيس کي سردخاني ۾ وجهڻ ڇا ڪرپشن نه آهي؟ انهن فرمايو ته ڪرپشن تي سياستدانن جو احتساب ضرور ٿيڻ گهرجي. پر جيڪي جنرل سياستدانن کي خريد ڪرڻ جي لاءِ انهن کي پيسا ڏيڻ  ۾ ملوث آهن، انهن جو به احتساب ڪيو وڃي. اهڙي طرح فوج جا ٻيا آفيسر به جيڪي ڪرپشن جي ٻين معاملن ۾ ملوث آهن. انهن جو به احتساب ڪيو وڃي.جيستائين سڀني جو بغير ڪنهن فرق جي احتساب نه ڪيو ويندو ته ان وقت تائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي. انهن فرمايو ته اوڀر پاڪستان سانحي جي باري ۾ بڻايل جسٽس محمود الرحمٰن ڪميشن جي رپورٽ ۾ به جن ماڻهن کي ذميوار قرار ڏنو ويو هو، انهن مان جيڪي وفات پائي چڪا آهن يا زنده آهن. انهن جو به احتساب ڪيو وڃي. انهن تي به مقدمو هلايو وڃي. انهن فرمايو ته ڪوڙن بيانن جي بنياد تي الطاف حسين تي را سان تعلق جو الزام لڳايو پيو وڃي. ڇو ته اهي الطاف حسين کي خريد نه ڪري سگهيا آهن، جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، سينيٽرن، ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ٻين ذميوارن کي هڪ سرڪاري ايجنسي جي ڪجھھ آفيسرن جي طرفان کليل ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته خيابان سحر وارن جي پارٽي ۾ هليا وڃو نه ته سنگين نتيجا ڀوڳڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃو. ڇا طاقت جو اهو استعمال درست آهي.ڇا اها ڪرپشن نه آهي؟ انهن فرمايو ته پاڪستان جي ترقي جو راز انهي ۾ آهي ته ملڪ ۾ جمهوري عمل جاري رهي.، اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا وڃن. بدقسمتي سان مڪاني اليڪشن کي ٿئي 6 مهينا ٿي چڪا آهن. پر هن مهل تائين ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمينن جي چونڊ نه ڪرائي وئي آهي. بلڪه ابتڙ اسان جي چونڊيل نمائندن، ڪارڪنن ۽ ذميوارن تي ڪوڙا ڪيس بڻايا پيا وڃن، انهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. انهن فرمايو ته طاقت جو ناجائز استعمال ڪرڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان پهرين ئي ٻه اڌ ٿي چڪو آهي. خدا جي واسطي ماضي جي غلطين کي نه ورجايو. جيڪڏهن عوام جي خلاف طاقت جي ذريعي عوام جي تحريڪن کي ڪڇلڻ جو عمل اهڙي طرح ئي جاري رهيو ته خدا خير ڪري اهو عمل ملڪ کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته جنرل راحيل شريف کي ان ڳالھھ جو به نوٽس وٺڻ گهرجي ته سڄي ملڪ ۾ واحد الطاف حسين جي تقرير تي ئي پابندي ڇو لڳائي وئي آهي؟ ڇا اهڙي طرح ڪنهن جي آواز کي دٻائڻ جو عمل درست آهي؟ انهن فرمايو ته مان مهاجر تحريڪ شروع ڪئي. مهاجرن کي سڃاڻپ ڏني، جيڪا ايم ڪيو ايم جي جدوجهد ۽ قربانين جي صدقي سڄي دنيا ۾ تسليم ڪئي وئي. هاڻي ضمير فروش عناصر ايم ڪيو ايم تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ته جيئن مهاجرن جي ان سڃاڻپ کي ختم ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته طاقت ۽ بندوق جي زور تي ڪنهن جي به نظريي کي ختم ڪري نه ٿو سگهجي. انهن فرمايو ته اڄ ڪجھھ شائونسٽ تجزيه نگار ماڻهن کي گمراھ ڪرڻ جي لاءِ  اهي دعوائون ڪري رهيا آهن ته لڳي ٿو ته سڀئي خيابان سحر وارن وٽ هليا ويندا. انهن تعصب پرست تجزيه نگارن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته جڏهن 1992 ۾  حقيقي دهشت گردن کي فوجي ٽرڪن ۾ ويهاري ڪري آندو ويو هو ته ان وقت به سڄي مرڪزي ڪميٽي ايم ڪيو ايم کي ڇڏي ڪري هلي وئي هئي. پر ان وقت به ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن، امڙيون ۽ ڀينرون ۽ بزرگ الطاف حسين سان گڏ هئا ۽ اڄ به ڀلي ڪيترن ئي نالن وارا ايم ڪيو ايم کي ڇڏي ڪري هليا وڃن، منهنجا ڪارڪن مون سان گڏ آهن. منهنجيون پاڪيزه  ۽ با وفا امڙيون ۽ ڀينرون مون سان گڏ آهن. اڄ صرف مهاجر امڙيون ۽ ڀينرون ئي نه بلڪه پختون، بلوچ، سنڌي، هزاري وال، سرائيڪي، ڪشميري، هندو، سک، عيسائي ۽ سمورين برادرين، قومن ۽ مذهبن سان تعلق رکڻ واريون امڙيون ۽ ڀينرون به مون سان گڏ آهن. جن اين اي 246، هن مڪاني اليڪشن ۽ هن ننڍي چونڊ ۾ جيڪو جرتمندانه ڪردار ادا ڪيو آهي. ان جي ڪائي به مثال نه ٿي ملي. انشاء الله تعالٰي ايندڙ ڏينهن ۾ به منهنجيون امڙيون ۽ ڀينرون جرتمندي ۾ مردن کان گوءِکڻي وينديون. انهن شعبه خواتين جي ڪارڪنن، ذميوار عورتن،قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن، رابطا ڪميٽي لنڊن و پاڪستان، شعبن جي ميمبرن، ٽائون ۽ يوسي آرگنائيزرن، چيئرمينن، ڪائونسلرن ۽ ڪارڪنن کي تمام تر آزمائشن ۽ ڏکيائين جي باوجود ثابت قدم رهڻ تي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. 

4/20/2024 7:53:24 AM