Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جنرل راحيل شريف مهاجر ڪش آپريشن بند ڪرائي محب وطن مهاجرن کي ڀت سان لڳائڻ جو عمل بند ڪرائين.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


جنرل راحيل شريف مهاجر ڪش آپريشن بند ڪرائي محب وطن مهاجرن کي ڀت سان لڳائڻ جو عمل بند ڪرائين.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 4/16/2016
جنرل راحيل شريف مهاجر ڪش آپريشن بند ڪرائي محب وطن مهاجرن کي ڀت سان لڳائڻ جو عمل بند ڪرائين.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
لنڊن: 16 اپريل 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا  ڪميٽي آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي سنڌ جي شهري علائقن ۾ جاري مهاجر ڪش آپريشن بند ڪرائي محب وطن مهاجرن کي ڀت سان لڳائڻ جو عمل بند ڪرائين. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي شهري علائقن جي واحد نمائنده جماعت آهي. جنهن کي عوام بار بار پنهنجو مينڊيٽ ڏنو آهي. پر عوام جي اها چونڊيل نمائنده جماعت رينجر جي بدترين ظلمن جو نشانو بڻيل آهي. ايم ڪيو ايم ۽ ان جي شعبن کان پوءِ هاڻي ان جي شاگرد تنظيم کي به بدترين رياستي ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ڪوڙا الزام لڳائي ڪري مهاجرن جون ڇتيون گرفتاريون ڪيون پيون وڃن. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ڪميٽي جي ميمبر محمد عظيم کي وفاداري تبديل نه ڪرڻ تي گذريل هفتي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ اهي هن مهل تائين لاپتا آهن. ملير ٽائون جي انچارج ۽ يوسي چيئرمين سيد نير رضا کي به رينجر بي ڏوهي گرفتار ڪري انهن جو 90 ڏينهن جو ريمانڊ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته نير رضا هڪ تعليم يافته ۽ پرامن شهري آهن ۽ ماضي ۾ به ڪنهن ڪيس ۾ گهربل نه رهيا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف ته ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل بي گناھ ڪارڪنن کي رينجر ڪوڙن ڪيسن ۾ ملوث ڪري رهي آهي ۽ جڏهن ته ٻئي طرف ايم ڪيو ايم 

جي مخالفت ڪرڻ وارن کي سرڪاري سرپرستي فراهم ڪري انهن جي ميڊيا تي تشهير ڪئي پئي وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر قومي سلامتي جو هڪ ادارو آهي جنهن کي عوام جي هڪ نمائنده جماعت کي ڪڇلڻ جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ اهو مڪروھ عمل نه صرف قابل مذمت آهي بلڪه ملڪي سلامتي جي حوالي سان به انتهائي سنگين ۽ ڳڻتي وارو آهي. رابطا ڪميٽي جنرل راحيل شريف کان ملڪ ۽ قوم جي نالي تي اپيل ڪئي ته اهي رينجر کي مهاجرن ۽ انهن جي چونڊيل نمائنده جماعت کي ڪڇلڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ جو سختي سان نوٽس وٺن ۽ جيڪي عناصر به ان جا ذميوار آهن انهن جي خلاف سخت ايڪشن وٺن. 
*****

4/18/2024 9:57:21 AM