Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي لانڍي ۾ ايم ڪيو ايم جي يوسي آفيس تي هٿياربند حقيقي دهشت گردن جي حملي ۽ مڪاني نمائندن ، ڪارڪنن ۽ عورتن تي تشدد جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت


ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي لانڍي ۾ ايم ڪيو ايم جي يوسي آفيس تي هٿياربند حقيقي دهشت گردن جي حملي ۽ مڪاني نمائندن ، ڪارڪنن ۽ عورتن تي تشدد جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت
 Posted on: 4/15/2016
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي لانڍي ۾ ايم ڪيو ايم جي يوسي آفيس تي هٿياربند حقيقي دهشت گردن جي حملي ۽ مڪاني نمائندن ، ڪارڪنن ۽ عورتن تي تشدد جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت
ڪراچي: 15 اپريل 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لانڍي ۾ ايم ڪيو ايم جي يوسي آفيس تي هٿيار بند حقيقي دهشت گردن جي حملي ۽ مڪاني نمائندن، ڪارڪنن ۽ عورتن تي تشدد جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رات لانڍي نمبر 4  يوسي نمبر15 ۽ 16  جي آفيسن ۾ ايم ڪيو ايم جا چيئرمين شيراز غوري، ڪائونسلر محمد اڪرم ۽ مرد ۽ عورتون ڪارڪن پنهنجي تنظيمي ڪم ۾ مصروف هيا ته 20 کان 25 حقيقي  دهشت گردن يوسي آفيس تي حملو ڪري ڏنو ۽ انهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ جناب الطاف حسين جون تصويرون ۽ ايم ڪيو ايم جا جهنڊا به ڦاڙي ڇڏيا جڏهن عورتون انهن ڪارڪنن کي بچائڻ جي لاءِ اڳتي وڌيون ته حقيقي جي دهشت گردن انهن کي به مارڪٽ ڪئي. رابطا ڪميٽي ان واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته حقيقي جا دهشت گرد لانڍي ۾ لڳاتار ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن، همدردن ۽ مڪاني نمائندن کي دهشت گردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن. اسان پوليس ۽ انتظاميه کي لڳاتار آگاھ ڪري رهيا آهيون پر حقيقي جي دهشت گردن جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪئي وڃي. رابطا ڪميٽي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته يوسي تي حملو ڪندڙ حقيقي جي دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي.

4/25/2024 12:42:10 AM