Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جرتمندانه پريس ڪانفرنس ڪرڻ تي اي پي ايم ايس او جي مرڪزي ڪميٽي کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو زبردست خراج تحسين پيش


جرتمندانه پريس ڪانفرنس ڪرڻ تي اي پي ايم ايس او جي مرڪزي ڪميٽي کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو زبردست خراج تحسين پيش
 Posted on: 4/14/2016
جرتمندانه پريس ڪانفرنس ڪرڻ تي اي پي ايم ايس او جي مرڪزي ڪميٽي کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو زبردست خراج تحسين پيش
جنهن ۾ جيتري به طاقت آهي اهو ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪري ڏسي وٺي پر الله سائين جي فضل و ڪرم سان ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري نه ٿو سگهجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 14 اپريل 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جرتمندانه پريس ڪانفرنس ڪرڻ تي اي پي ايم ايس او جي چيئرمين سرفراز احمد ۽ مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته جتي هڪ طرف موجوده اعصاب شڪن حالتن ۾ ملڪ جون طاقتور ترين طاقتون ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي ڪڍ آهن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جو ماورائي عدالت قتل ڪيو پيو وڃي ، ايم ڪيو ايم جي انتهائي صاف ۽ ايماندار اڳواڻڻ، ڪارڪنن، ٽائون آرگنائيزرن ۽ يوسي آرگنائيزرن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، انهن کي بغير ڪنهن ڏوھ جي 90 ڏينهن جي لاءِ رينجر جي تحويل ۾ ڏنو پيو وڃي، سوين ساٿي سرڪاري حراست ۾ تشدد جي ڪري موت جي منھھ ۾ وڃي چڪا آهن پر ڪوئي به مظلومن جي ڌانهن ٻڌڻ وارو نه آهي ۽ ڪوئي به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي انصاف ڏيارڻ وارو نه آهي. پر ٻئي طرف سڄي دنيا ۾ بدنام ٿيل دهشت گردن، ڪرپشن ۽ سماجي برائين ۾ مبتلا ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم کان ڪڍيل ماڻهن کي ملڪ جون وڏيون طاقتون ۽ ڳجها هٿ وڏي شان سان نه صرف اهو ته انهن کي وطن آڻي وڏن مهانگن علائقن ۾ بنگلا خريد ڪري رهائي رهيون آهن.پر انهن کي ڪروڙين روپين جون گاڏيون به ڏنيون پيون وڃن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي صبح کان شام تائين انهن جي موقف کي بيان ڪرايو پيو وڃي ۽ پرنٽ و اليڪٽرانڪ ميڊيا جا ماڻهو ته صحافت جا ادبَ،  ايمانداري، شرافت ۽ خوف خدا سڀ ڪجھھ وساري ڪري انهن جي لاءِ ويٺا آهن.انهن فرمايو ته اسان جي لاءِ انصاف گهرڻ جا سڀئي دروازا بند ڪيا ويا آهن. اهڙين حالتن ۾ ته وڏن مضبوط اعصابن وارا ماڻهو به خوف جو شڪار ٿي وڃن ٿا. پر الله تعالٰي جو لک لک شڪر آهي ته انهن اڃان به منهنجن حلالي پٽن ۽ نياڻين کي پنهنجي وفا نڀائڻ جي لاءِ  مضبوط ۽ جرت مند رکيو آهي. موجوده اعصاب شڪن حالتن ۾ جن جن ماڻهن جا ذري برابر به اعصاب ڌڏيا آهن، ڪمزور ٿيا آهن يا جن جي حوصلن ۾ ذري برابر به ڪمي آئي آهي ته مان انهن سڀني ماڻهن کي چوان ٿو ته اهي اي پي ايم ايس او جي مرڪزي ڪميٽي جي ان پريس ڪانفرنس کي ڏسن، ان کي غور سان ٻڌن، مان الله تعالٰي جي انصاف تي يقين رکي ڪري انهن کي يقين ڏياريان ٿو ته انهن جا حوصلا مضبوط ٿيندا.جناب الطاف حسين فرمايو ته باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي بقول نوجوان قوم جا معمار ۽ قوم جا مستقبل هوندا آهن. اڄ اي پي ايم ايس او جي مرڪزي ڪميٽي جي پريس ڪانفرنس ٻڌي ڪري مون کي نه صرف قائد اعظم جو اهو قول ياد آيو بلڪه منهنجو حوصلو به تمام گهڻو وڌيو آهي. انهن فرمايو ته جن جا اعصاب ڪمزور پئجي رهيا آهن انهن جي لاءِ اها پريس ڪانفرنس هڪ وٽامن جي حيثيت رکي ٿي. انهن فرمايو ته اي پي ايم ايس او جي جرتمندانه پريس ڪانفرنس کي ڏسي ڪري منهنجن حوصلن کي هڪ نئين روشني ملي آهي ۽ مان کلي عام چوان ٿو ته جنهن ۾ جيتري به طاقت آهي اهو ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي طاقت استعمال ڪري ڏسي وٺي، طاقت استعمال ڪرڻ وارا ته ختم ٿي ويندا پر الله سائين جي ڪرم سان ايم ڪيو ايم ختم نه ٿيندي. مان جرتمندانه پريس ڪانفرنس ڪرڻ ۽ وڏي بهادري جو مظاهرو ڪرڻ تي اي پي ايم ايس او جي ساٿين کي زبردست شاباش، خراج تحسين ۽ سلام تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ مان دعا ڪريان ٿو ته الله تعالٰي اي پي ايم ايس او جي انهن ساٿين کي هميشه وفادار رکي، انهن کي سلامت رکي ۽ انهن کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي ۽ الله سائين انهن جو ۽ ايم ڪيو ايم جو مددگار هجي ۽ الله تعالٰي ظالمن ۽ ايم ڪيو ايم جي دشمنن تي عذاب نازل ڪري . آمين ثمه آمين.
*****


4/24/2024 3:30:43 AM