Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي ايم ڊي واٽر بورڊ سان ملاقات


ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي ايم ڊي واٽر بورڊ سان ملاقات
 Posted on: 4/13/2016
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي ايم ڊي واٽر بورڊ سان ملاقات
واٽر بورڊ تي ٿوپيل سنڌ حڪومت جي پاليسين تي سنڌ حڪومت سان ڳالھھ ڪئي ويندي. ڊاڪٽر فاروق ستار
ڪراچي: 13 اپريل 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار واٽر بورڊ جي ايم ڊي مصباح الدين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي سخت بحران کان آگاھ ڪيو.  ان موقعي تي حق پرست اسيمبلي ميمبر مزمل قريشي، آصف حسنين، خالد افتخار ، ريحان ظفر، سيف الدين خالد، نديم راضي ۽ شازيه جاويد به موجود هيون. ملاقات ۾ اورنگي ٽائون ۽ پاڪ ڪالوني ۾ حب رويو کان پاڻي جي عدم فراهمي ۽ سائيٽ ايريا، ناظم آباد، گلبهار، اولڊ سٽي ايريا، نارٿ ڪراچي، نئي ڪراچي، گلستان جوهر ، گلشن اقبال، لانڍي، شاھ فيصل ڪالوني، ڪورنگي ۽ ملير سميت ٻين علائقن ۾ پاڻي جي غير منصفانه ورهاست ۽ والو آپريشن سميت ٻين مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته سخت گرمي اچڻ واري آهي ۽ شهر ۾ پاڻي جي به سخت ڪمي آهي. جنهن جي ڪري هاڻي کان ئي ماڻهن کي سخت تڪليف کي منھھ ڏيڻو پئجي رهيو آهي . انهن چيو ته واٽر بورڊ تي ٿوپيل سنڌ حڪومت جي پاليسين جي باري ۾ سنڌ حڪومت سان ڳالھھ ڪئي ويندي ۽ شهر ۾ پاڻي جي بحران جي خاتمي جي لاءِ ايم ڪيو ايم هر سطح تي آواز به اٿاريندي. ان موقعي تي ايم ڊي واٽر بورڊ  ڊاڪٽر فاروق ستار کي پاڻي جي قلت ۽ غير منصفانه ورهاست ۽ والو آپريشن جي مسئلن جي باري ۾ حل جي خاطري به ڪرائي. 
*****


4/20/2024 12:20:35 AM