Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ آمريڪا جو ڪراچي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ مهاجر ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن تي وائيٽ هائوس جي ٻاهران مظاهرو


متحده قومي موومينٽ آمريڪا جو ڪراچي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ مهاجر ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن تي وائيٽ هائوس جي ٻاهران مظاهرو
 Posted on: 4/11/2016
متحده قومي موومينٽ آمريڪا جو ڪراچي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ مهاجر ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن تي وائيٽ هائوس جي ٻاهران مظاهرو
واشنگٽن: 11 اپريل 2016 
 ايم ڪيو ايم آمريڪا جي زير اهتمام آمريڪي صدر جي رهائشگاھ وائيٽ هائوس جي سامهون ڪراچي ۽ شهري سنڌ ۾ جاري آپريشن جي آڙ ۾ مهاجر قوم ۽ ان جي نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ، ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي غير قانوني ڇاپن، بي گناھ ڪارڪنن جي بي ڏوهي گرفتارين ۽ لاپتا ڪرڻ ۽ وفاداريون مٽائڻ ۽ مهاجر ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن جي خلاف ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف ۽ ٻين عهديدارن کان علاوه ڪارڪنن ۽ پاڪستاني برادري وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي متين يوسف خطاب ڪندي چيو ته مهاجر پاڪستان جي قيام کان اڳ به پاڪستاني هئا ، جيڪڏهن مهاجر قوم پنهنجي جان و مال ۽ 20 لک جانين جو نذرانو نه ڏيئي ها ته اڄ پاڪستان جو قائم ٿيڻ صرف خواب ئي هجي ها. انهن چيو ته اها پاڪستان ۽ پاڪستانين جي بدقسمتي آهي ته قيام پاڪستان سان گڏ ئي وقت جي پوجارين هوا جي رخ کي ڏسندي پاڪستان مسلم ليگ ۽ ان کان پوءِ پاڪستان جي وسيلن تي قبضو ڄمائي ورتو. ان موقعي تي واشنگٽن چيپٽر جي ايڊهاڪ انچارج عمران حسين چيو ته ايم ڪيو ايم جي پهرين ئي ڏينهن کان جاري پاليسي اسان کي اهو ٻڌائي ٿي ته ايم ڪيو ايم ئي پاڪستان جي حقيقي سيڪيولر، لبرل ۽ ترقي پسند جماعت آهي. جيڪا پاڪستان کي حقيقت ۾ قائد اعظم جو پاڪستان بڻائڻ چاهي ٿي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جو دهشت گردن، طالبان ۽ داعش جي خلاف ۽ انهن جي سهولتڪارن جي خلاف نهايت ئي واضع موقف آهي ۽ انهي ڏوھھ ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف لڳاتار سازشون ڪيون پيون وڃن.



4/19/2024 5:16:26 AM