Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 4/10/2016
ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ڪرمنلائيزيشن جي پاليسي جي تحت روزانو اسان تي ٽارگيٽ ڪلر، را جو ايجنٽ ۽ ٻيا الزام لڳايا پيا وڃن
ملڪ جون حالتون انتهائي نازڪ آهن، اڄ ملڪ ۾ جمهوري نظام آهي، ڪالھھ ڪو ٻيو نظام به اچي سگهي ٿو
ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن زونن ۾ ايم ڪيو ايم جي جنرل ورڪرز اجلاسن کي خطاب
لنڊن: 10 اپريل 2016 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته تمام تر ظلمن، سازشن ۽ زهريلن پروفيگنڊن جي باوجود ايم ڪيو ايم لڳاتار هر اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي رهي آهي. پر ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي نه ڪالھھ تسليم ڪيو ويو ۽ نه ئي اڄ تسليم ڪيو وڃي ٿو. ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ڪرمنلائيزيشن جي پاليسي جي تحت روزانو اسان تي ٽارگيٽ ڪلر، را جو ايجنٽ ۽ ٻيا طرح طرح جا الزام لڳايا پيا وڃن، جيڪڏهن اسان کي را جو اينجٽ بڻڻو هجي ها ته اسان 20 لک جانيون قربان ڪري پاڪستان کي ڇو قائم ڪريون ها ۽ پنهنجا گهر بار ۽ جائيدادون ڇڏي ڪري ۽ باھ ۽ رت جا درياھ پار ڪري پاڪستان ڇو اچون ها. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن زونن ۾ ايم ڪيو ايم جي جنرل ورڪرز اجلاسن کي خطاب ڪندي ڪيو.  پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اي پي ايم ايس او ۽ ايم ڪيو ايم آبادي جي هڪ طبقي سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ  ۽ ناانصافين جو رڌعمل آهي. جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم مهاجرن جي حقن جي لاءِ قائم ڪئي وئي هئي ۽ ايم ڪيو ايم جي نعري ۾ لفظ مهاجر جو استعمال ڪيو ويو هو. پر ايم ڪيو ايم پنهنجي قيام جي پهرين ئي ڏينهن کان وٺي ملڪ کان اسٽيٽس ڪو جي خاتمي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. انهن فرمايو ته ملڪ ۾ مختلف طبقا پاتا وڃن ٿا. جن ۾ هڪ تمام وڏو امير طبقو ، هڪ ڪجھھ امير طبقو، هڪ مڊل ڪلاس طبقو، هڪ لوئر مڊل ڪلاس طبقو ۽ هڪ غريب طبقو آهي.سڄي ملڪ جي غريبن جو حال هڪ جهڙو ئي آهي ۽ پاڪستان جي قيام کان پوءِ اڄ تائين ملڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي کي حڪمراني جو حق نه ڏنو ويو آهي. جناب الطاف حسين قرآن پاڪ جي سوره الحجرات جي هڪ آيت پاڪ جو حوالو ڏيندي فرمايو ته ان سوره پاڪ ۾ الله تعالٰي فرمايو آهي ته اي انسانو اسان توهان کي  هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو آهي ۽ پوءِ توهان کي قبيلن، قومن ۽ جٿن ۾ ورهايو ته جيئن توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهو. يعني جيڪو ٻار پيدا ٿيندو اهو لازمي ڪنهن قبيلي، قوم يا گروھھ سان تعلق رکي ٿو. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ چئن قومن پنجابي، سنڌي، پختون ۽ بلوچ قومن جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن سڃاڻپن جي ڪري ئي انهن جا صوبا آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ ٻيون به گهڻيون ئي لساني قومون اهڙيون آهن جن جا نالا ته موجود آهن. پر انهن سا ناانصافيون ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهن جي سڃاڻپ کي به تسليم نه ٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي انهن کي انهن جا جائز حق ڏنا پيا وڃن. پاڪستان جي ڪورس جي ڪتابن ۾ سرائيڪي، ڪشميري، هزاري وال، گلگتي ، بلتستاني ۽ هندڪو قوم جو ڪو به ذڪر نه ٿو ملي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اردو ڳالهائڻ وارا مهاجر بانيان پاڪستان جون اولادون آهن. جن کي زندگي جي هر شعبي ۾ ناانصافين جو نشانو بڻايو ويندو رهيو آهي. مهاجر شاگردن کي سول سروسز جي لاءِ آئي ايس ايس ۽ سي ايس ايس جي امتحانن ۾ امتيازي نمبرن سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي باجود  جڏهن اهي انٽرويو ڏيڻ جي لاءِ ويندا هئا ته انٽرويو وٺندڙ انهن جي تعليم ۽ قابليت جو اعتراف ڪرڻ کان پوءِ انهن جي سڃاڻپ معلوم ڪندا هئا.  جڏهن اهي جواب ڏيندا هئا ته اسان مسلمان ۽ پاڪستاني آهيون ته چيو ويندو هو ته اهي ته سڀئي آهن. پر اهو ٻڌايو ته اوهان جا والد ۽ ڏاڏا ڪٿي پيدا ٿيا؟ جڏهن اهي اهو جواب ڏيندا هئا ته اهي انڊيا ۾ پيدا ٿيا هئا ۽ هجرت ڪري پاڪستان آيا هئا ته پوءِ چيو ويندو هو ته چڱو اوهان مهاجر آهيو. انهن فرمايو ته مهاجرن جي اڪثريت سنڌ ۾ آباد آهي. پر اوهان ڪراچي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ وڃو ته اتي اوهان کي پٽيوالي کان وٺي ڪري چيف سيڪريٽري تائين سڀني اعلٰي آفيسرن ۾ ڪوئي به اردو ڳالهائڻ وارو نه ملندو. انهن شرڪاء کان پچيو ته ڇا اوهان جي بزرگن ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي انگريزن کان آزادي ڏياري ڪري ۽ پاڪستان بڻائي ڪري ڪائي غلطي ڪئي . هندستان ۾ هندو اسان کي مسلمان جو ته طعنو ڏيندا هئا پر غير هندستاني نه چوندا هئا.  
وزير اعلٰي قائم علي شاھ هجن، سنڌي  قوم پرست هجن يا پاڪستان جا ٻيا مستند سڃاڻپ رکڻ وارا اڳواڻ هجن اهي اردو ڳالهائڻ وارن کي اهو ئي چون ٿا ته اوهان سنڌ ۾ رهو ٿا ان جي ڪري اوهان سنڌي آهيو، پر اردو ڳالهائڻ وارن کي سنڌي چوڻ جي باوجود سول بيوروڪريسي ۾ نوڪرين سميت ٻئي ڪنهن به اداري ۾ انهن جو جائز حق نه ٿو ڏنو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن مان ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتو ته اتي لسانيت ۽ ٻين نظرين جي بنياد تي هاسٽلون الاٽ ڪيون وينديون هيون.  مان به درخواست ڏني ته منهنجو ننڍڙو گهر آهي ۽ مون کي به پنهنجي پڙهائي جي لاءِ هاسٽل ۾ ڪمرو گهرجي. پر مون کي هاسٽل ۾ ڪمرو نه ڏنو ويو. جنهن تي مان وڏي جدوجهد ڪئي ۽ آخر ڪار مون کي هاسٽل ۾ هڪ ڪمرو ملي ويو. منهنجي ڪمري جي ڀر ۾ پختونن جو به ڪمرو هو. انهن منهنجو سامان ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڪري اڇلائي ڇڏيو ۽ مون کي ڌمڪي ڏني ته هتي ٻيهر نه اچجو. مان انهن جي سمورين زيادتين کي برداشت ڪندو رهيس پر مان ڪمرو خالي نه ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان پنهنجن بزرگن کان ٻڌندو هوس ته  لياقت علي خان کي ڪهڙي طرح شهيد ڪيو ويو ، قائد اعظم ۽ محترمه فاطمه جناح کي ڪهڙي طرح قتل ڪيو ويو. يحيٰي خان ۽ ايوب خان جي دور ۾ ڪهڙي طرح مهاجر آفيسرن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو. ڪهڙي طرح ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ مهاجرن جا تعليمي ادارا، بينڪ انشورنس ڪمپنيون ۽ صنعتون نيشنلائيزيشن جي نالي تي قبضي ۾ ورتيون ويون. 11 جون 1978 تي مان ڪراچي يونيورسٽي ۾ اي پي ايم ايس او قائم ڪئي. ان شاگرد تنظيم جو مقصد ڪنهن سان ڪو جهيڙو ڪرڻ نه هو. ان جو مقصد صرف اهو هو ته شاگردن کي به هاسٽلن ۾ ڪمرا ڏنا وڃن. انهن کي به حق ڏنا وڃن.انهن کي به اسڪالرشپ ڏني وڃي ۽ انهن کي به آئي ايس ايس ۽ سي ايس ايس جي امتحانن ۾ فقط مهاجر هجڻ جي بنياد تي رڌ نه ڪيو وڃي. ڇو ته هزارين مهاجر شاگردن جن انهن امتحانن ۾ ٽاپ ڪيو هو. انهن کي انٽرويو ۾ صرف ان جي ڪري ناپاس ڪيو ويو هو جو انهن کي مهاجر  چيو وڃي ٿو. ظلم مٿان ظلم اهو ته سرڪاري نوڪرين جي لاءِ اخبارن ۾ ڏنل اشتهارن ۾ واضع طور تي لکيو ويندو هو ته فلاڻي پوسٽ جي لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جا شهري درخواست ڏيڻ جي زحمت نه ڪن. مهاجرن سان اهي کليل ناانصافيون ٿينديون رهيون. پر پاڪستان جي ڪنهن به سياسي و مذهبي جماعت نه ته مهاجرن جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪئي ۽ نه ئي انهن ناانصافين جي خلاف آواز اٿاري.  انهن فرمايو ته اسان اي پي ايم  ايس او جي قيام کان پوءِ ٽن سالن تائين مهاجر شاگردن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ جڏهن اي پي ايم ايس او ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن ۾ مقبول ٿيڻ لڳي ته ان جي خلاف سازشون شروع ڪيون ويون. 3 فيبروري 1981 تي اي پي ايم ايس او جي تحت نون شاگردن ۽ شاگردياڻين جو ڪراچي يونيورسٽي ۾ آڌرڀاءُ ڪرڻ جي لاءِ لڳايل اسٽالن تي جماعت اسلامي جي ٿنڊر اسڪواڊ ڏنڊن،لوهي سيکن، پستولن ۽ بندوقن سان حملو ڪري سمورن اسٽالن کي باھ ڏيئي ڪري ساڙي ڇڏيو. ڪارڪنن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي ڪري زخمي ڪري ڇڏيو ۽ اسان کي به سخت تشدد جو نشانو بڻائي ڪري ڪراچي جي تعليمي ادارن مان ٻاهر ڪڍيو ويو. پوءِ اسان ٻيهر تعليمي ادارن ۾ نه وڃي سگهياسين ۽ اسان لياقت آباد ، ناظم آباد، گولي مار ۽ شهر جي ٻين علائقن ۾ ڪم شروع ڪري ڏنو. 18 مارچ 1984 تي مهاجر قومي موومينٽ جو قيام عمل ۾ آيو ۽ 8 آگسٽ 1986 تي اسان نشتر پارڪ ۾ پهريون عوامي جلسو منعقد ڪيو. جنهن کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ پوري طاقت سان ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون. ٻيو جلسو 31 آڪٽوبر 1986 تي پڪا قلعه حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ شرڪت جي لاءِ ڪراچي کان قافلا حيدرآباد وڃي رهيا هئا ته سهراب ڳوٺ تي جلسن تي فائرنگ ڪئي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ 7 ساٿي شهيد ۽ درجنين زخمي ٿي پيا. اهڙي طرح حيدرآباد مارڪيٽ چوڪ کان هڪ پختون جي هوٽل کان فائرنگ ڪرائي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ 6 ساٿي شهيد ۽ درجنين زخمي ٿي پيا ۽ اهڙي طرح اسٽيبلشمينٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پختون مهاجر فساد ڪرائي ڇڏيو. ان کان پوءِ مون کي گرفتار ڪيو ويو. مان جيل مان اي اين پي جي سربراھ ولي خان مرحوم کي خط لکيو ۽ مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن جي ذريعي اهو خط ولي باغ موڪلرايو. ان خط ۾ مان پختون مهاجر فساد جي سڄي سازش واضع ڪئي. الله سائين جو ڪرم ٿيو جو ولي خان ان سازش کي سمجهي ويو ته مهاجرن ۽ پختونن جو ڪوئي به جهيڙو نه آهي ۽ اهو جهيڙو ڪرايو پيو وڃي. انهن پنهنجي ساٿين کي ان سازش کان آگاھ ڪيو، پوءِ اهي پاڻ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي اجلاس ۾ به  شريڪ ٿيا. پر انهن جي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃڻ کان پوءِ  اي اين پي جي قيادت اسٽيبلشمينٽ جي ايجنٽ بڻجي وئي ۽ اها مهاجر پختون فساد کي هوا ڏيڻ لڳي. انهن فرمايو ته اي پي ايم ايس او ۽ ايم ڪيو ايم جي قيام کان اڳ به مهاجرن سان ناانصافيون ڪيون وينديون هيون. 1964 جي صدارتي اليڪشن ۾ محترمه فاطمه جناح ۽ فيلڊ مارشل ايوب خان جي وچ ۾ اليڪشن ٿيو. جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. ان اليڪشن ۾ جنرل ايوب خان ڌانڌلي ۽ بي ايماني جي ذريعي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پوءِ جشن فتح جي نالي تي ڪراچي جي مهاجر آبادين تي مسلح حملا ڪرايا ويا. ايوب خان جي پٽ گوهر ايوب خان سرحد صوبي کان پنهنجن حمايتن کي ٽرڪن ۾ ڀري ڪر ڪراچي آندو ۽ مهاجر آبادين ۾ باھ ۽ رت جو بازار گرم ڪرايو. 1964 ۾ نه اي پي ايم ايس او هئي ۽ نه ڪا مهاجر تنظيم هئي ۽ نه ئي الطاف حسين ميدان ۾ هو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ به مهاجرن جو سياسي ، تعليمي ۽ معاشي قتل عام ڪيو ويو. 1973 ۾ ڀٽي پنهنجي سوٽ ممتاز ڀٽي سان گڏجي ڪري سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ لساني بل پيش ڪري ٻهراڙي ۽ شهري جي فرق جي بنياد رکي. جنهن جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻي، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ اندرون سنڌ جي ٻين شهرن ۾ مهاجرن جا گهر لٽيا ويا، انهن جي باغن کي ساڙيو ويو ۽ انهن کي تشدد ڪري اندرون سنڌ مان ڪڍيو ويو. انهن فرمايو ته هڪ منظم سازش جي تحت 12 آگسٽ 1986 تي سنڌ حڪومت جي طرفان سهراب ڳوٺ ۾ منشيات فروشن جي خلاف آپريشن ڪيو ويو. ان وقت فوج به وڏي تعداد ۾ ڪراچي ۾ موجود هئي. پر ان آپريشن جي دوران نه ته منشيات ملي ۽ نه ئي ڪا ڪلاشنڪوف ملي پر ان آپريشن جي آڙ ۾ مهاجر آبادين تي حملا ڪرايا ويا. 14 ڊسمبر 1986 ۾ جديد هٿيارن سان ليس ماڻهن ٽڪرين تان لهي ڪري علي ڳڙھ ڪالوني  ۽ قصبه ڪالوني تي حملا ڪيا ۽ گجرن ۽ مورين وانگر مهاجرن امڙين، ڀينرن، نوجوانن، بزرگن  ۽ ٻارن کي وڍيو . گهرن کي لٽي ڪري باھ ڏيئي ڪري ساڙيو ويو. قصبه ڪالوني ۽ علي ڳڙھ ڪالوني ۾ 6 ڪلاڪن تائين اهو قتل عام ٿيندو رهيو، پر پوليس ۽ انتظاميه ان قتل عام کي روڪڻ جي لاءِ نه پهتي. انهن فرمايو ته 1ڄ 12 مئي جو ته ذڪر ڪيو وڃي ٿو. پر ڪوئي به سانحه قصبه ڪالوني ۽ قصبه علي ڳڙھ جو ذڪر نه ٿو ڪري. جناب الطاف حسين فرمايو ته ان کان پوءِ 30 سيپٽمبر 1988 تي حيدرآباد ۾ 10 گاڏيون شهر ۾ داخل ٿين ٿيون. انهن گاڏين ۾ وڏا ڏوهاري سوار هئا. جن کي جيلن مان ڪڍي ڪري انهن کي هٿيار ڏنا ويا. انهن ڏوهاري دهشت گردن شهر ۾ شهرين تي ڇتي فائرنگ ڪئي ۽ سوين ماڻهن کي شهيد ۽ زخمي ڪري ڇڏيو.جناب الطاف حسين فرمايو ته حق پرستن جي تحريڪن ۾ غداري جو عمل ازل کان جاري آهي جيڪو هر دور ۾ هر ڪنهن تحريڪ ۾ ٿيو. ڏکئي ۽ مشڪل دور ۾ ڪجھھ ماڻهن سرڪار دو عالم صلي الله عليه وسلم کي به ڇڏي ڪري هليا ويا هئا. ڪجھھ ماڻهن پاڻ کي مسلمانن جو وڌيڪ همدرد ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ايستائين جو انهن مسجد به بڻائي جنهن جو نالو مسجد ضرار هو. مسجد ضرار جي باري ۾ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ان مسجد ۾ نماز پرهڻ نه ويندا ڪريو اهي ظاهر ۾ ته مسلمان آهن پر حقيقت ۾ اهي مسلمانن جا دشمن آهن. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم ته ان مسجد کي ڪيرائڻ جو به حڪم ڏنو هو. اسان جي حق پرستي جي تحريڪ کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ به ڪيترن ئي ماڻهن غداري ڪئي. اڄ به ڪجھھ ماڻهو تحريڪ سان غداري ڪري پنهنجي پاڻ کي قوم جو سڀني کان وڏو همدرد ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جڏهن ته انهن جي ماضي ۽ حيثيت کان عوام چڱي نموني واقف آهن. انهن فرمايو ته جڏهن مان اهو ڏٺو ته سڄي ملڪ ۾ فرسوده جاگيرداراڻه نظام آهي ۽ صرف مهاجر ئي نه بلڪه غريب سنڌي، بلوچ، پنجابي، پختون، هزاري وال، سرائيڪي، ڪشميري ۽ ٻين سمورين زبانون ڳالهائڻ وارا غريب ماڻهو به محروم آهن ۽ ظلم جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آهن ته پوءِ اسان فيصلو ڪيو ته ملڪ جي سمورن غريبن ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي ملائي ڪري ملڪ ۾ انقلاب آڻينداسين. ان جي ڪري اسان 1997 ۾ مهاجر قومي موومينٽ جو دائرو وڌائيندي ان جو نالو متحده قومي موومينٽ رکي ڇڏيو ۽ پنهنجي تنظيم جو ڪم سڄي ملڪ ۾ ڦيلائي ڇڏيو. اسان ملڪ جي بهتري جي لاءِ هر هڪ ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايو. اسان آصف علي زرداري جو به ساٿ ڏنو ته جيئن سنڌ ۾ سنڌي ۽ مهاجر جي وچ ۾ دوري گهٽ ٿئي ۽ افهام و تفهيم جي فضا پروان چڙهي، اسان زرداري جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي. پر اسان جي تمام تر خلوص جي باوجود زرداري پنهنجي ڪنهن به وعدي جو پاس نه رکيو ۽ وعدي جي باوجود اسان جي ماڻهن کي پوليس ۾ نوڪريون نه ڏنيون ويون. اسان ملڪ جي عظيم تر مفاد ۾ پاڪ فوج جو وڌي چڙهي ڪري ساٿ ڏنو ۽ فوج جي حق ۾ به هڪ ملين جي ريلي ڪڍي. فوج کي سلوٽ به پيش ڪيو. پر ان جي جواب ۾ اسان جي خلاف آپريشن ڪيو ويو. اسان جي ماڻهن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. اسان تي را جي اينجٽ هجڻ جو شرمناڪ الزام لڳايو ويو. انهن فرمايو ته جيڪڏهن اسان کي را جو ايجنٽ بڻڻو هجي ها ته اسان 20 لک جانين جون قربانيون ڏيئي ڪري پاڪستان ڇو بڻايون ها ۽ پنهنجا گهر بار ۽ ملڪيتون ڇڏي ڪري ۽ باھ ۽ رت جا درياھ پار ڪري پاڪستان ڇو اچون ها. اڄ به ڪرمنلائيزيشن جي پاليسي جي تحت روزانو اسان تي ٽارگيٽ ڪلر ۽ ٻيا طرح طرح جا الزام لڳايا پيا وڃن. ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. اسان جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، قمر منصور جو ڀاءُ مسعود صديقي ۽ ٻيا ساٿي به قيد آهن. انهن فوج کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اسان جو اوهان سان ڪوئي به جهيڙو نه آهي. اوهان کي به اهو سمجهڻ گهرجي ته اڄ جيڪي ماڻهو پاڪستان جي نالي تي وڏن وڏن عهدن تي فائز آهن. ان ۾ ننڍي کنڊ جي لکين مسلمانن جون قربانيون شامل آهن. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم سڀني کان پهرين 1987 ۾ مڪاني اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي. ان کان پوءِ اسان هر اليڪشن ۾ لڳاتار ڪاميابي حاصل ڪندا آيا آهيون. سيپٽمبر 2013 ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف جيڪو نئون آپريشن شروع ڪيو ويو. ان ۾ نائن زيرو تي ٻه ڀيرا ڇاپا هنيا ويا. ظلمن جا جبل ٽوڙيا ويا. ان جي باوجود  اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. ايم ڪيو ايم 6  مهينا اڳ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ به تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ وري 7 اپريل تي ٿيندڙ اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جي ننڍي چونڊ ۾ به ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. پر افسوس جو ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي نه ڪالھھ تسليم ڪيو ويو ۽ نه ئي اڄ تسليم ڪيو پيو وڃي. انهن فرمايو ته افسوسناڪ ڳالھھ اها آهي ته عوام ۾جيڪو سخت احساس محرومي ۽ مايوسي ڦيلجي رهي آهي. اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمران طبقو ان جو ڪوئي به احساس نه ڪري رهيو آهي. 6 مهينا گذري ويا آهن مڪاني اليڪشن کي ٿئي. پر هن مهل تائين ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جا اليڪشن نه ڪرايا ويا آهن. هتي سپريم ڪورٽ ۽ هائي ڪورٽون به آهن. پر اسان کي انصاف ڏيڻ وارو ڪوئي به نه آهي. انهن فرمايو ته مان ڊائيلاگ جي ذريعي سمورن مسئلن جو حل چاهيان ٿو. مان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ رهندڙ سمورن حق پرست سنڌين، پنجابين، پختونن، بلوچن،هزاري والن، سرائيڪين، گلگتين، بلتستانين، شيعن، سنين، ديوبندين، بريلوين، بوهرين، اسماعيلن ۽ سمورين فقهن ۽ عقيدن جي مڃڻ وارن سان گڏو گڏ هتي رهندڙ هندن، عيسائين، سکن، احمدين ۽ سمورن مذهبن جي مڃڻ وارن کي به چوان ٿو ته جڏهن اسان هڪ جهڙن مسئلن ۽ محرومين جو شڪار آهيون ته پوءِ اسان کي به هڪ  ٿي وڃڻ گهرجي ۽ دنيا کي ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي ته اسان هڪ آهيون. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم هڪ جمهوريت پسند، لبرل ۽ روشن خيال جماعت آهي. جيڪا سمورن مذهبن ۽ عقيدن جي مڃڻ وارن جو احترام ڪري ٿي ۽ سڀني کي برابر جو پاڪستاني سمجهي ٿي ۽ انهن کي برابري جي سطح تي حق ڏيارڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. ايم ڪيو ايم سمجهي ٿي ته ملڪ جي بقا ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ فرسوده ۽ جاگيرداراڻه نظام ۽ چورين ۽ ڌاڙڻ جي نظام کي ختم ٿيڻ گهرجي. انهن فرمايو ته هاڻي ڳالھھ صرف مهاجرن جي نه بلڪه اسان سڀ اهو چئون ٿا ته سڄي ملڪ ۾ جتي جتي به ماڻهو پنهنجن حقن جي لاءِ آواز بلند ڪري رهيا آهن. انهن جي به آواز کي ٻڌڻ گهرجي ۽ پاڪستان ۾ 20 صوبا قائم ڪيا وڃن. صرف مهاجرن جي ئي لاءِ نه بلڪه سرائيڪي صوبي، هزاري وال، بهاولپور، پوٺهار ملتان گلگت بلتستان ۽ ٻئي هنڌ به جن علائقن جا ماڻهو صوبن جو مطالبو ڪري رهيا آهن. اتي به صوبا بڻايا وڃن. انهن فرمايو ته هاڻي چار صوبا ملڪ جي احساس محرومي کي ختم ڪري نه ٿا سگهن. وقت جو تقاضا آهي ته صوبن ۾ اضافو ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين پانامه ليڪس جي ذريعي سامهون ايندڙ انڪشافن جي حوالي سان فرمايو ته ملڪ جون حالتون انتهائي نازڪ آهن. وزير اعظم ميان نواز شريف اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته حالتون ڪنٽرول ۾ آهن. پر ڇا ڇا ڊزائنون بڻجي رهيون آهن شايد انهن جو اندازو انهن کي نه آهي. اڄ ملڪ ۾ جمهوري نظام آهي. ڪالھھ ڪوئي ٻيو نظام به اچي سگهي ٿو. مان گهڻو ئي ڪجھھ ڏسي رهيو آهيان. جنهن کان عام ماڻهو  واقف نه آهن. انهن ڪارڪنن ۽ عوام کي چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪجھھ به ٿي سگهي ٿو. ان جي ڪري اوهان پنهنجيون اکيون کولي ڪري رکيو. حالتن تي نظر رکو ۽ پنهنجين صفن ۾ اتحاد قائم رکو ۽ ثابت قدم رهو ڇو ته جيڪي امتحانن ۾ ثابت قدم رهن ٿا. الله تعالٰي به انهن کي ئي ڪاميابي عطا ڪري ٿو. جناب الطاف حسين تمام تر ڏکين ۽ مشڪل حالتن جي باوجود ثابت قدمي سان پنهنجا فرض انجام ڏيڻ تي رابطا ڪميٽي، زون ۽ ٽائون آرگنائيزرن ، سمورين تنظيمي ڪميٽين ۽ شعبن جي ميمبرن، ڪارڪنن، امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن کي به سلام تحسين پيش ڪيو. 

4/16/2024 7:29:41 AM