Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قانون نافذ ڪرڻ واري اداري جي طرفان ايم ڪيو ايم جي خلاف لڳاتار پريس رليز جاري ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار


قانون نافذ ڪرڻ واري اداري جي طرفان ايم ڪيو ايم جي خلاف لڳاتار پريس رليز جاري ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار
 Posted on: 4/9/2016 1
قانون نافذ ڪرڻ واري اداري جي طرفان ايم ڪيو ايم جي خلاف لڳاتار پريس رليز جاري ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار
ڪراچي: 9 اپريل 2016 
                  ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي قانون نافذ ڪرڻ واري اداري جي طرفان ايم ڪيو ايم جي خلاف لڳاتار پريس رليز جاري ڪرڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان پريس رليز جي مندرجات جي سختي سان ترديد ڪئي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جو نه ته ڪوئي ويڙهاڪ ونگ آهي ۽ نه ئي ان جا ذميوار ۽ ڪارڪن ڪنهن غير قانوني سرگرمي جو حصو آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته سڄي دنيا جي ڄاڻ ۾ آهي ته پاڪستان ۾ هٿيار بڻائڻ جون فيڪٽريون ڪٿي آهن ۽ دهشت گردي جا ٺڪاڻا ملڪ جي ڪهڙي حصي ۾ آهن. پر انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ شهري سنڌ جي عوام کي ڪرمنلائيزيشن جي هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت لڳاتار بدنام ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته شهري سنڌ جا عوام پهرين ئي وڏي احساس محرومي جو شڪار آهن. ان مڪروھ عمل سان انهن جي احساس محرومي ۽ بي چيني ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. رابطا ڪميٽي آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي اپيل ڪئي ته اهي ڪجھھ عناصر جي طرفان شهري سنڌ جي عوام خصوصن مهاجرن ۾ پائي ويندڙ بيچيني ۽ انهن کي ڀت سان لڳائڻ جي عمل جو فوري طور تي نوٽس وٺن. رابطا ڪميٽي انساني حقن جي ادارن ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان کي به اپيل ڪئي ته اهي به شهري سنڌ جي عوام ۽ انهن جي چونڊيل نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري منفي ميڊيا ٽرائل جو نوٽس وٺن. 
*****

4/19/2024 7:25:58 AM