Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ ۾ وڌندڙ عوامي مسئلن تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڳڻتي جو اظهار


سنڌ ۾ وڌندڙ عوامي مسئلن تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڳڻتي جو اظهار
 Posted on: 3/26/2016
سنڌ ۾ وڌندڙ عوامي مسئلن تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڳڻتي جو اظهار
سنڌ جي مسئلن ۽ ناانصافين جي خاتمي ۽ اختيارن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ۾ رهندڙ سمورين قومن جا ماڻهو گڏجي ڪري سنڌ جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪن
ايم ڪيو ايم ان معاملي ۾ پي پي پي جي صوبائي حڪومت سان تعاون ڪرڻ جي لاءِ  تيار آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 26 مارچ 2016 
                  قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سنڌ ۾ وڌندڙ عوامي مسئلن تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌين ۽ مهاجرن سميت سنڌ ۾ رهندڙ سموريون زبانون ڳالهائڻ وارن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جي خلاف گڏجي ڪري جدوجهد ڪن. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان جي گهڻڻ ئي علائقن جا ماڻهو بيروزگاري ، لاقانونيت، مهانگائي، ڪرپشن ۽ پاڻي ۽ بجلي جي ڪمي جي سخت بحران کي منھھ ڏيئي رهيا آهن ۽ سنڌ جي صورتحال به  روز روز خراب ٿيندي پئي وڃي ۽ خصوصن سنڌ جا شهري علائقا سخت احساس محرومي جو شڪار آهن. سنڌ ۾ مڪاني اليڪش جي انعقاد کي ڪيترائي مهينا گذري چڪا آهن. پر هن مهل تائين مڪاني ادارن جي ميئرن ۽ چيئرمينن جا اليڪشن به نه ڪرايا ويا آهن. جنهن جي ڪري مڪاني ادارا بي اختيار بڻيل آهن. انهن فرمايو ته سنڌ جي مسئلن ۽ ناانصافين جي خاتمي ۽ اختيارن جي حصول جي لاءِ ضروري آهي ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائڻ وارا ماڻهو ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سمورين قومن جا ماڻهو گڏجي ڪري سنڌ جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته سنڌ جي حقن جي حصول جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪنهن به گڏيل جدوجهد کي ايم ڪيو ايم جي غير مشروط حمايت ۽ تعاون حاصل هوندو. ايستائين جو ايم ڪيو ايم ان معاملي ۾ پي پي پي جي صوبائي حڪومت سان تعاون ڪرڻ جي لاءِ به تيار آهي، پر پي پي جي حڪومت کي به شهري سنڌ سان پنهنجي سچائي جو عملي طور تي يقين ڏيارڻو پوندو. جناب الطاف حسين پي پي جي صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها شهري سنڌ جي عوام سان پنهنجي خلوص جو عملي مظاهرو ڪندي سنڌ جي شهري علائقن جي مڪاني ادارن کان ڇنيل انتظامي اختيارن کي فوري طور تي واپس ڪري ۽ آئين جي شڪ 140 اي جي تحت صوبي جي سمورن مڪاني ادارن کي اختيار منتقل ڪري. 
*****


5/18/2024 12:41:46 PM