Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سانحه پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ،شهيدن جي پونئرن ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي زيراهتمام لنڊن ۾ ٽريفلگر اسڪوائر تي هڪ يادگاري تقريب منعقد ڪئي وئي


سانحه پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ،شهيدن جي پونئرن ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي زيراهتمام لنڊن ۾ ٽريفلگر اسڪوائر تي هڪ يادگاري تقريب منعقد ڪئي وئي
 Posted on: 1/22/2014
سانحه پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ،شهيدن جي پونئرن ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي زيراهتمام لنڊن ۾ ٽريفلگر اسڪوائر تي هڪ يادگاري تقريب منعقد ڪئي وئي.
تقريب ۾ سوين نوجوانن ۽ بزرگن سان گڏو گڏ عورتن ۽ ٻارن جي به شرڪت.
لنڊن؛ 22 ڊسمبر 2014
           پشاور ۾ طالبان دهشت گردن جي هٿان شهيد ٿيندڙ آرمي پبلڪ اسڪول جي معصوم شاگردن، استادن ۽ اسٽاف کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ شهيدن جي پونئرن ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام لنڊن جي تفريحي مقام ٽريفلگر اسڪوائر تي هڪ يادگاري تقريب منعقد ڪئي وئي.تقريب ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.جن ۾ نوجوانن ۽ بزرگن سان گڏو گڏ ٻارن جي به وڏي تعداد شامل هئي.ان موقعي تي  سانحه پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون ۽ شهيدن جي پونئرن سان مڪمل يڪجهتي ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ويو. ان تقريب ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ عهديدارن سان گڏو گڏ يورپيئن پارليامينٽ جي ميمبر ۽ يورپي پارليامينٽ جي فارن افيئرز ڪميٽي جي چيئرمين امجد بشير، ٿرڊ ورلڊ ساليڊيريٽي جي چيئرمين مشتاق لاشاري ، فورم فار انٽرنيشنل ڊولپمينٽ جي چيئرمين طحٰه قريشي ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي.ان تقريب ۾ لنڊن ۽ ٻين شهرن سان تعلق رکڻ وارن پاڪستانين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي سانحه پشاور جي شهيدن جي لاءِ حافظ مسرور جي  امامت ۾ غائبانه جنازي ادا ڪئي وئي ۽ شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني به ڪئي وئي.تقريب ۾ هڪ وڏو بينر تمام شرڪاء جي توجه جو مرڪز هو جنهن ۾ سانحه پشاور جي شهيدن جون تصويرون لڳل هيون.ان کان علاوه شرڪاء پنهنجن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيا هئا جن تي طالبان جي دهشت گردي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي هئي.تقريب جي اختتام تي سانحه پشاور جي شهيدن جي بلند درجات، پاڪستان کان دهشت گردي جي خاتمي، پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام ۽ ترقي و خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي وئي.

4/25/2024 9:24:17 AM