Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي جي مختلف علائقن مان رينجر ۽ پوليس ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ پنجن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو ويو آهي، گرفتار ٿيلن ۾هڪ جنرل ڪائونسلر به شامل آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


ڪراچي جي مختلف علائقن مان رينجر ۽ پوليس ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ پنجن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو ويو آهي، گرفتار ٿيلن ۾هڪ جنرل ڪائونسلر به شامل آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 7/31/2016
ڪراچي جي مختلف علائقن مان رينجر ۽ پوليس ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ پنجن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو ويو آهي، گرفتار ٿيلن ۾هڪ جنرل ڪائونسلر به شامل آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 31 جولائي 2016 
                 ڪراچي جي مختلف علائقن مان رينجر ۽ پوليس ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ پنجن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جن ۾ هڪ جنرل ڪائونسلر به شامل آهن. تفصيلات جي مطابق رينجر لياقت آباد پيلي ڪوٽي جي علائقي مان ايم ڪيو ايم جي يوسي آفيس تي ڇاپو هنيو ۽ اتي ٻن ڪارڪنن يوسي آرگنائيزر محمد ايوب قريشي ۽ شاهد فتح کي گرفتار ڪري ورتو. شاهد فتح علائقي جا جنرل ڪائونسلر به آهن. اهڙي طرح رينجر ڪورنگي کان ڪارڪن اڪبر، بفر زون مان ڪارڪن ناصر ضياء ۽ اورنگي اقبال مارڪيٽ کان ڪارڪن اڪبر علي کي به انهن جي گهرن تي ڇاپا هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو . انهن ڇاپن ۽ گرفتارين جي دوران رينجر يا پوليس ڪنهن به قسم جا وارنٽ پيش نه ڪيا. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي ڇاپن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته رينجر جي ڇاپن ۽ گرفتارين جا اختيار ختم ٿي چڪا آهن. پر ان جي باوجود رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي ڇاپن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو جاري آهي رابطا ڪميٽي چيو ته اهي غير قانوني ڇاپا ۽ گرفتاريون ان ڳالھھ جو ثبوت آهن ته آپريشن جو مقصد صرف ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ آهي. رابطا ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي کي اپيل ڪئي ته اهي انهن غير قانوني ڇاپن ۽ گرفتارين جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ اهو سلسلو بند ڪرائي ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين. 
*****

5/15/2024 2:24:35 PM