Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پوليس ۽ رينجر ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون وڏي پيماني تي گرفتاريون ڪيون آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


ڪراچي ۽ حيدرآباد  ۾ پوليس ۽ رينجر  ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون وڏي پيماني تي گرفتاريون ڪيون آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 4/15/2016
ڪراچي ۽ حيدرآباد  ۾ پوليس ۽ رينجر  ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون وڏي پيماني تي گرفتاريون ڪيون آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 15 اپريل 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پوليس ۽ رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پوليس ۽ رينجر نارٿ ناظم آباد جي اشرف ڪمپائونڊ ۾ يونٽ ڪميٽي جي ميمبر قيصر حسين جي ڀاءُ اسد حسين ۽ همدردن نعيم۽ سلطان عمر، گارڊن جي يوسي چيئرمين محمد رئيس جي ڀائرن ڪمال ۽ فيصل، لياري يوسي 32 جي ڪارڪن سيد ارشد علي زيدي جي ڀاءُ سيد امجد علي زيدي ۽ نارٿ ناظم آباد يوسي 25 جي ڪارڪن اسماعيل قريشي، لانڍي يوسي 16 جي ڪارڪن سفير الرحمٰن ۽ انهن جي ڀائرن فهيم ۽ نديم ، يوسي 15 جي ڪارڪن سيد امير عباس رضوي ۽ يوسي 21 جي ڪارڪنن جاويد احمد ۽ ڪاشف خان، ملير ٽائون جي لياقت مارڪيٽ يونين آفيس تي ڇاپو هڻي ڪري ڪارڪن اجمل علي ۽ همدرد عاطف، کوکرا پار يوسي 3 جي ڪارڪن نعيم، شاھ فيصل ڪالوني يوسي 10 جي ڪارڪن شفيع الله، ناظم آباد يوسي 47 جي ڪارڪنن عامر شيخ  ۽ ڪامران افضل، ڪورنگي ڀٽائي ڪالوني جي ڪارڪن اقبال علي ۽ يوسي 86 جي ڪارڪن سلمان بيگ ۽ صدر ٽائون جي ڪارڪن خوشي محمد کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته حيدرآباد جي سيڪٽر جي جي جوائنٽ انچارج ۽ يوسي چيئرمين عمران بشير کي به گرفتار ڪري ورتو ويو آهي. رابطا ڪميٽي ڪارڪنن جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جون وڏي پيماني تي گرفتاريون ڪري ۽ انهن تي سخت تشدد ڪري دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اهي پنهنجيون وفاداريون تبديل ڪن. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام ايم ڪيو ايم کان خارج ڪيل ضمير فروشن جي ٽولي کي رڌ ڪري ڇڏيو آهي ، ان کان پوءِ هاڻي اسٽيبلشمينٽ مايوس ٿي ڪري اهڙي طرح جا ظالمانه هٿڪنڊا استعمال ڪرڻ شروع ڪيا آهن ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون به تيز ڪري ڇڏيون آهن ان مان صاف ظاهر آهي ته آپريشن صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته اهو ظلم بند ڪيو وڃي ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون به بند ڪيون وڃن ۽ گرفتار ٿيل ڪارڪنن ۽ همدردن کي به فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اهي انساني حقن جي انهن جي خلاف ورزين جو نوٽس وٺن ۽ ان ظلم جي خلاف آواز اٿارين. 
*****

5/15/2024 12:27:01 AM