Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان لانڍي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ حق پرست يوسي چيئرمين جي گهرن تي فائرنگ ۽ انهن جي ڪارخانن ۾ اسٽاف کي ڌمڪيون ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار


حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان لانڍي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ حق پرست يوسي چيئرمين جي گهرن تي فائرنگ ۽ انهن جي ڪارخانن ۾ اسٽاف کي ڌمڪيون ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 4/13/2016
حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان لانڍي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ حق پرست يوسي چيئرمين جي گهرن تي فائرنگ ۽ انهن جي ڪارخانن ۾ اسٽاف کي ڌمڪيون ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: 13 اپريل 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان لانڍي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ يوسي 9  زمان آباد جي حق پرست چيئرمين جي گهرن ۽ انهن جي ڪارخانن ۾ اسٽاف کي ڌمڪيون ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف ته حقيقي جي دهشت گردن کي سرڪاري سرپرستي ۾ کليل غنڊه گردي جي اجازت ڏني وئي آهي ۽ ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ انهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطاڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي اهڙن هٿڪنڊن سان نه ته ماضي ۾ خوف زده ڪري سگهيو ويو ۽ نه ئي اڄ ڪري سگهجي ٿو. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان لانڍي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي فائرنگ ۽ انهن جي ڪارخانن ۾ اسٽاف کي ڌمڪيون ڏيڻ جو سختي سان نوٽس وٺن ۽ حقيقي جي دهشت گردن کي سرڪاري سرپرستي ختم ڪرائي انهن کي قانون جي مطابق سخت ترين سزا ڏني وڃي.
*****

5/15/2024 12:29:38 AM