Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سمنڊ ڪناري سي ويو تي افسوسناڪ واقعو،ان واقعي تي وڏي غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو آهي ۽ ان دردناڪ واقعي جي تحقيقات ڪرائي وڃي . ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


 Posted on: 8/3/2014 1
سمنڊ ڪناري سي ويو تي افسوسناڪ واقعو،ان واقعي تي وڏي غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو آهي ۽ ان دردناڪ واقعي جي تحقيقات ڪرائي وڃي . ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
جڏهن دفعه 144 نافذ هئي ته سمنڊ ڪناري وڃڻ کان ماڻهن کي ڇو نه روڪيو ويو. رشيد گوڏيل.
سي ويو تي قائم ايم ڪيو ايم جي طبي امدادي ڪيمپ تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ ۽ دورو.
ڪراچي؛ پهرين آگسٽ 2014
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته سمنڊ ڪناري سي ويو سانحي تي وڏي غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو آهي، ان واقعي جي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ آئنده اهڙن واقعن جي روڪٿام جي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن.انهن چيو ته سمنڊ ڪناري ٻڏي ويندڙ ماڻهن جي پونئرن کي معاوضو ادا ڪيو وڃي ۽ اهو معاوضو انهن جي پونئرن جو حق آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن سي ويو جي دوري جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي تحت زير اهتمام قائم ڪيل طبي و امدادي ڪيمپ جي ٻاهران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر رشيد گوڏيل، اسلم آفريدي ۽ اسيمبلين جا حق پرست ميمبر به موجود هئا.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته سي ويو تي ٻڏي ڪري هلاڪتون ٿيڻ هڪ قومي سانحو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سڀني کي پنهنجين ذميوارين جو احساس ڪرڻو پوندو.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي سي ويو سانحي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي گهرن تي وڃي ڪري ايم ڪيو ايم جي طرفان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ويندو.ايم ڪيو ايم جا رضاڪار هتي پهرين ئي ڏينهن کان موجود آهن. انهن چيو ته سانحي جي متاثرين کي رليف جي فراهمي جي لاءِ گورنر سنڌ سان ڳالھ ٿي آهي ۽ ان موقعي تي الزام تراشي جي بجاءِ اسباب جو غور سان جائزو وٺڻو پوندو.انهن سي ويو سانحي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ان سانحي جي ذميواري ڪنهن هڪ تي عائد نه ٿي ٿئي.انهن سي ويو تي امدادي سرگرمين جو جائزو به ورتو ۽ ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن کي به خراج تحسين پيش ڪيو.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر رشيد گوڏيل صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم سي ويو جي سانحي  سان گڏ ئي رليف جون سرگرميون شروع ڪري چڏيون هيون ۽ ٻڏي ويندڙ ماڻهن جي پونئرن کي سهولتون ۽ ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي رهي آهي. انهن چيو ته جڏهن دفعه 144 نافذ هو ته عوام کي سمنڊ تي وڃڻ کان روڪيو ڇو نه ويو،انهن چيو ته سمنڊ ڪناري وارن علائقن ۾ ماڻهن جي تحفظ جي لاءِ عملي ۽ ٺوس قدمَ کڻڻا پوندا

5/31/2025 8:52:28 PM