Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خدا جي واسطي پاڪستان کي بچائي وٺو،جناب الطاف حسين


 Posted on: 8/2/2014 1
خدا جي واسطي پاڪستان کي بچائي وٺو،جناب الطاف حسين.
ننڍن وڏن اختلافن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ بامقصد ڳالهيون ڪيون وڃن.
وزير اعظم اڳتي وڌن۽ معاملن جو عقلمندي ۽ وڏي  گهرائي سان جائزو وٺن.
جيڪڏهن احتجاجي مظاهرن سان ملڪ ۾ جاني و مالي نقصان ٿيڻ جو ذري برابر به انديشو هجي ته ميان نواز شريف وزير اعظم جي ڪرسي کان الڳ ٿي وڃن ۽ پنهنجي ئي پارٽي مان ڪنهن ٻئي کي وزارت عظمٰي جون ذميواريون منتقل ڪري چڏين يا ڪوئي اهڙو آئيني رستو اختيار ڪن جنهن سان سڀني جو وقار پنهنجي پنهنجي جڳھ تي قائم رهي.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وزير ميان نواز شريف کي دردمندانه اپيل.
لنڊن؛ 2 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ هنگامي بيان ۾ پاڪستاني عوام، سياسي و مذهبي جماعتن جي رهنمائن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪمرانن کي دردمندانه اپيل ڪئي آهي ته  خدا جي واسطي پاڪستان کي بچائي وٺو،ننڍن وڏن اختلافن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ بامقصد ڳالهين جا ذريعا استعمال ڪيا وڃن ۽ هر قسم جي محاذ آرائي، جنهن سان جاني و مالي نقصان ٿيڻ جو انديشو هجي ان کان پاسو ڪيو وڃي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ اسان بين الاقوامي سطح تي ننڍن وڏن اختلافن تي روز روز خوفناڪ ترين محاذ آرائين جي نه ختم واري سلسلي کي نه صرف لڳاتار پڙهي رهيا آهيون  بلڪه دنيا جي گهڻڻ ئي علائقن ۾ اختلافن جي بنياد تي انهن ملڪن ۾ فوجي محاذ آرائين کي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي ذريعي پنهنجين اکين سان ڏسي رهيا آهيون ۽ ڪنن سان ٻڌي به رهيا آهيون . انهن محاذ آرائين جي دوران سامهون ايندڙ ڪجھ منظر اهڙا دردناڪ به هوندا آهن جو ڪجھ دير جي لاءِ انهن کي ڏسي ڪري سڪتو طاري ٿي وڃي ٿو. فلسطينن جو قتل عام هجي، آفريقي ملڪن جي وچ ۾ محاذ آرائي هجي، شام ۽ عراق جي تباهي هجي، افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿيندڙ تباهڪاريون هجن، ان صورتحال ۾ پاڪستان جن افسوسناڪ حالتن مان گذري رهيو آهي اهي ڪنهن کان به پوشيده نه آهن. اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جا جرنيل،آفيسر ۽ جوان دهشت گردن جي خلاف جان جي بازي لڳائي ڪري هڪ طرف ته جام شهادت نوش فرمائي رهيا آهن ۽ وڏي تعداد ۾ دهشت گردن کي جهنم رسيد ڪري رهيا آهن ۽ هر محاذ تي پاڪستان جي جهنڊي کي وڏي فخر سان لهرائي رهيا آهن ته ٻئي طرف بلوچستان جيڪو ايراضي ۾ سڀني کان وڏو صوبو آهي اهو به خراب صورتحال کان دوچار آهي، اتي هزارين ماڻهو لاپتا آهن، هر پاڙي ، شهر ۽ ڳوٺ جا ماڻهو بجلي ۽ گيس جي سهولت کان محروم آهن، غريب ٻارن جي تعليم جي لاءِ ملڪ ۾ يا ته اسڪولَ موجود ئي نه آهن ۽ جيڪڏهن موجود آهن ته اهي انتهائي خراب حالت ۾ آهن، جتي تعليم حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي،سرڪاري اسپتال دوائن کان خالي آهن، ٽن وقتن جي ماني جي لاءِ مزدوري جو حصول ته ٺهيو هڪ وقت جي ماني جي لاءِ به روزگار ميسر نه آهي.برساتن جي ڪري ملڪ جي گٽرن، نالن۽ نالين جو نظام مڪمل طور تي تباھ ٿي چڪو آهي، مڪاني ادارن جو نظام نه هجڻ جي ڪري انهن جي سار سنڀال ڪرڻ وارو ڪوئي به نه آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اڄ تائين ڪنهن به جمهوري حڪومت مڪاني ادارن جا اليڪشن ڪرايا ئي نه آهن،ٻئي طرف ڪجھ ڌريون جمهوريت جي نالي تي چيمپيئن بڻجي ڪري  ٻين تي طعني بازي ڪن ٿيون ۽ جمهوريت جي نالي تي حڪومت ڪرڻ وارن تي حڪومت کان ٻاهر رهڻ وارا ماڻهو جمهوريت جي آڙ ۾ انهن جي حڪومت کي آمريت سان تعبير ڪري رهيا آهن، هڪ طبقو حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيئي رهيو آهي ته ٻئي ڌر حڪومت کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جي ڳالھ ڪري رهي آهي، ڇڪٿاڻ جي اها صورتحال هر محب وطن پاڪستاني جي لاءِ ڳڻتي جي ڳالھ آهي. 12 ،14 آگسٽ شروع ٿيڻ ۾ اڃان ڪجھ ڏينهن باقي آهن، لانگ مارچ ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جو تختو اونڌو ڪرڻ جي بجاءِ ڇو نه اسان دنيا جي ، خصوصن پاڪستان جي نازڪ ترين صورتحال کي نظر ۾ رکندي ۽ هوش کان ڪم وٺندي هر قسم جي ڌمڪي ۽ محاذ آرائي کان پاسو ڪريون ۽ پاڪستان جا محب وطن شهري هجڻ جي ناطي پاڻ ۾ گڏجي ويهون ۽ هڪ ٻئي جي جائز شڪايتن کي نه صرف غور سان ٻڌون بلڪه ان کي ٻڌي ڪري ان جي علاج جي طور تي جيڪڏهن ٻڌڻ واري پارٽي کي نقصان پهچي ٿو ته اها تورڙو نقصان برداشت ڪري پهرين پارٽي کي مطمئن ڪري ته جيئن ملڪ کي ڪنهن انتشار کان بچائي سگهجي.ان سلسلي ۾ مان وزير اعظم ميان نواز شريف کي چوان ٿو ته اهي پنهنجين ذميوارين جو احساس ڪندي اڳرائي ڪن ۽ وڏي پڻ جو مظاهرو ڪندي تمام سياسي و مذهبي جماعتن جو ميڙ ڪوٺائين ۽ انهن جي شڪايتن جي فهرست ٺاهين،انهن کي حل ڪرڻ جي تاريخ ڏيئي ڪري  ان کي ترتيب سان حل ڪندا وڃن، في الحال چوٽڪاري جو اهو ئي رستو نظر اچي ٿو.جناب الطاف حسين پنهنجي بيان جي آخر ۾ ميان نواز شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اهي اڳتي وڌن، معاملن جو انتهائي گهرائي سان مطالعو ڪن ۽ ان جو تفصيل سان جائزو وٺن ۽ جيڪڏهن اهي ان نتيجي تي پهچن ٿا ته اپوزيشن جي احتجاجي ڌرڻڻ جي آڙ ۾ ڪيل احتجاجي مظاهرن سان ملڪ کي ڪوئي به جاني و مالي نقصان پهچڻ جو خطرو هجي ته اهي جرت جو مظاهرو ڪندي  پنهنجي پاڻ کي وزارت عظمٰي کان الڳ ڪري وٺن ۽ پنهنجي ئي پارٽي مان  ڪنهن هڪ کي وزارت عظمٰي جون ذميواريون پنهنجن ساٿين جي مشوري سان سونپي چڏين، يا اهڙو ڪوئي آئيني رستو اختيار ڪن جتي سڀني جو وقار پنهنجي پنهنجي جڳھ تي قائم رهي ۽ ڪنهن کي به پنهنجي بي عزتي محسوس نه ٿئي.


5/17/2024 2:03:12 AM