Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو ڪراچي ۾ برسات کان متاثر ٿيندڙ علائقن جو دورو.


 Posted on: 8/2/2014 1
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو ڪراچي ۾ برسات کان متاثر ٿيندڙ علائقن جو دورو.
ڪراچي؛ 2 آگسٽ 2014
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر انجنيئر ناصر جمال رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر صغير احمد، سيف يار خان ۽ اسيمبلين جي حق پرست نمائندن ريحان هاشمي ۽ جمال احمد سان گڏجي ڪراچي ۾ برسات متاثره علائقن جو دورو ڪيو ۽ برسات کان نڀرڻ جي لاءِ موثر قدمَ نه کڻڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.انهن چيو ته ڪراچي جهڙي ميٽروپوليٽن شهر جو انتظام هلائڻ جي لاءِ مڪاني اليڪشن جو انعقاد فوري طور تي ڪيو وڃي .انهن چيو ته ڪراچي ۾ برسات کان نڀرڻ جي لاءِ ڪي به موثر قدمَ نه کنيا ويا جنهن جي ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو ۽ اتان جو لاڳاپيل عملو به غائب هو. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته برسات کان نڀرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدمَ کنيا وڃن ۽ برساتي نالن جي صفائي ڪرائي وڃي.رابطا ڪميٽي گهرن جو ڇتيون ڪرڻ جي ڪري هلاڪ ٿيندڙن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمي ٿيندڙن جي لاءِ جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.


5/17/2024 3:17:00 AM