Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ڏتڙيل ماڻهن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ وکريل ماڻهن کي هڪ طاقت بڻائي چڏيو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 8/1/2014 1
ايم ڪيو ايم ڏتڙيل ماڻهن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ وکريل ماڻهن کي هڪ طاقت بڻائي چڏيو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
هزارين ڪارڪنن جي شهادت جي باوجود ايم ڪيو ايم کي ختم نه ڪيو ويو بلڪه اها پهرين کان به وڌيڪ مظبوط ٿي وئي آهي.
ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ عيد جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ هڪ ساده تقريب کي خطاب.
لنڊن؛ پهرين آگسٽ 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ان جي هزارين ڪارڪنن ۽ چاهڻ وارن کي وڏي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو  پر ايم ڪيو ايم ڪيو ايم ختم نه ٿي سگهي ۽ ايم ڪيو ايم پهرين کان به وڌيڪ مظبوط ٿي وئي آهي. انهن اها ڳالھ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪيٽريٽ لنڊن ۾ عيد جي حوالي سان  منعقد ٿيندڙ هڪ ساده تقريب کي خطاب ڪندي فرمائي.تقريب ۾ رابطا ڪميٽي، انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ جي ميمبرن، يوڪي جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ انهن جي گهر وارن شرڪت ڪئي.تقريب ۾ جناب الطاف حسين جي نياڻي افضاء الطاف به خصوصي طور تي شرڪت ڪئي.ان موقعي تي خطاب ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم کان پهرين مظلوم عوام جي لاءِ ڳالهائڻ وارو ڪوئي به نه هو، انهن تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف آواز اٿارڻ وارو ڪوئي به نه هو، ايم ڪيو ايم انهن محروم ماڻهن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ ميدان ۾ اچي ڪري جدوجهد ڪئي ۽ وکريل ماڻهن کي هڪ طاقت بڻائي چڏيو. ان جدوجهد جي ڏوھ ۾ ڪارڪنن ۽ چاهڻ وارن تي طرح طرح جا ظلم ڪيا ويا. انهن فرمايو ته بهادري مان بهادري ئي جنم وٺي ٿي ۽ بزدلي مان بزدلي ئي جنم وٺي ٿي ان جي ڪري اسان کي مڙسي جي ڳالھ ڪرڻ گهرجي ۽ حالتن جو وڏي مڙسي سان مقابلو ڪرڻ گهرجي.انهن فرمايو ته اسان دنيا ۾ ڪٿي به رهندا هجون اسان کي پنهنجي سڃاڻپ نه وسارڻ گهرجي ۽ پنهنجن ٻارن کي به پنهنجي سڃاڻپ جي باري ۾ آگاھ ڪرڻ گهرجي. جناب الطاف حسين تمام ڪارڪنن ۽ انهن جي گهر وارن کي عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ انهن کي دعائون به ڏنيون. انهن گذريل پوين ڏينهن ۾ لاهور ۾ دهشت گردن جي هٿان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي رهنما ۽ ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد سميت تمام شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ فاتحه خواني به ڪئي.انهن ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري سي ويو تي ٻڏي ويندڙ تمام ماڻهن جي لاءِ به مغفرت جي دعا ڪئي.ان موقعي تي تمام حاضرين جناب الطاف حسين کي هڪ هڪ ٿي ڪري عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي.

5/17/2024 1:20:01 AM