Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سمنڊ ڪناري ٻڏڻ ۽ گجرانوالا ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.


 Posted on: 7/30/2014
سمنڊ ڪناري ٻڏڻ ۽ گجرانوالا ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري ڪجھ ماڻهن جي  هلاڪ ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو  اظهار.
ڪراچي؛ 30 جولائي 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سمنڊ ڪناري ٻڏي ڪري ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته قيمتي انساني جانين جو تحفظ حڪومت جي اولين ذميواري آهي.سمنڊ ۾ ڪيترائي ماڻهو ٻڏڻ جي ڪري پنهنجين جانين کان هٿ ڌوئي چڪا آهن پر حڪومت جي طرفان عوام جي حفاظت جي لاءِ ڪي به ڪوششون ڏسڻ ۾ نه ٿيون اچن.رابطا ڪميٽي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها سمنڊ ڪناري تفريح جي لاءِ ايندڙ ماڻهن جي تحفظ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻي ۽ اتي لائيف گارڊ مقرر ڪيا وڃن.ان کان علاوه رابطا ڪميٽي گجرانوالا ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري معصوم ٻارن جي هلاڪت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ دعا ڪئي آهي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙ معصوم ٻارن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.



5/17/2024 3:17:02 AM