Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن، رابطا ڪميٽي ميمبرن ۽ ٻين ذميوارن حق پرست شهيدن جي گهرن تي وڃي ڪري انهن جي پونئرن سان ملاقاتون ڪيون .


 Posted on: 7/29/2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن، رابطا ڪميٽي ميمبرن ۽ ٻين ذميوارن حق پرست شهيدن جي گهرن تي وڃي ڪري انهن جي پونئرن سان ملاقاتون ڪيون .
ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي والدين سان انهن جي گهر وڃي ڪري ملاقات ڪئي.
ايم ڪيو ايم جي وفدن شهيدن جي پونئرن کي جناب الطاف حسين جي طرفان عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ انهن کي نيڪ خواهشن جو پيغام به پهچايو.
ڪراچي؛ 29 جولائي 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي عيد الفطر جي خوشي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، حق پرست نمائندن ۽ ٻين ذميوارن سان گڏجي حق پرست شهيدن جي گهر وڃي ڪري انهن جي پونئرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن کي عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام به پهچايو.ان سلسلي ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر خالد مقبول صديقي شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي گهر وڃي ڪري انهن جي والدين سان ملاقات ڪئي ۽ جناب الطاف حسين جي طرفان عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام به پهچايو.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ٻيا به انهن سان گڏ هئا.ان موقعي تي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد همت و جرت جي علامت هئا اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ تحريڪ جا سچا ۽ مخلص رهنما هئا ۽ انهن جي شهادت سان تحريڪ هڪ سچي ۽ مخلص رهنما کان محروم ٿي وئي آهي.انهن چيو ته اسان جي تحريڪ وڏن امتحانن مان گذري آهي ۽ وڏيون شهادتون ڏنيون آهن اهڙي هڪ شهادت ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي به آهي.ان موقعي تي ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي والدين قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪندي جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ دعائون به ڪيون.اهڙي طرح رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر انجنيئر ناصر جمال ۽ ٻين اورنگي سيڪٽر ۾ شهيدن جي گهر وڃي ڪري انهن جي پونئرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ خصوصي پيغام پهچايو.اهڙي رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر نصرت شوڪت ٻين سان گڏجي قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر ۾ شهيدن جي گهر وڃي ڪري انهن جي پونئرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ عيد جا تحفا به پيش ڪيا.اهڙي طرح رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ٻين رنڇوڙ لائين ۽ لياري سيڪٽر ۾ شهيدن جي گهر وڃي ڪري انهن جي پونئرن سان ملاقاتون ڪيون۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي.رابطا ڪميٽي ميمبر حيدر عباس رضوي ۽ ٻين گلشن معمار سيڪٽر ۾ حق پرست شهيدن جي گهر وڃي ڪري انهن جي پونئرن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ عيد جا تحفا به پيش ڪيا.اهڙي رابطا ڪميٽي ميمبر عادل خان ۽ ٻين لانڍي سيڪٽر ۾ وڃي ڪري شهيدن جي پونئرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ٻارن ۾ عيد جا تحفا به ورهايا.رابطا ڪميٽي ميمبر ڪهف الورٰي ۽ ٻين ڪورنگي سيڪٽر ۾ شهيدن جي پونئرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ٻارن ۾ عيد جا تحفا به ورهايا.رابطا ڪميٽي ميمبر اشفاق منگي ۽ ٻين ملير ۽ شاھ فيصل ڪالوني ۾ شهيدن جي گهر وڃي ڪري انهن جي پونئرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ٻارن ۾ عيد جا تحفا به پيش ڪيا.اهڙي طرح رابطا ڪميٽي ميمبر توصيف خانزاده ۽ ٻين گلستان جوهر ۽ گلشن اقبال،رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر صغير احمد ۽ ٻين پي آئي بي ڪالوني، رابطا ڪميٽي ميمبر رشيد گوڏيل ۽ ٻين لائينز ايريا ۽ سوسائٽي، رابطا ڪميٽي ميمبر خالد سلطان ۽ ٻين ڊفينس ڪلفٽن ۽ برنس روڊ، رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب ۽ ٻين بلديه ٽائون ۽ پاڪ ڪالوني، رابطا ڪميٽي ميمبر سيف يار خان ۽ ٻين سرجاني ٽائون،رابطا ڪميٽي ميمبر عادل صديقي ۽ ٻين نيو ڪراچي، رابطا ڪميٽي ميمبر امين الحق ۽ ٻين ناظم آباد گلبهار،رابطا ڪميٽي ميمبر احمد سليم صديقي ۽ ٻين لياقت آباد ۽ فيڊرل بي ايريا ۾ حق پرست شهيدن جي گهر ۾ وڃي ڪري انهن جي پونئرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن کي عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ٻارڙن ۾ عيد جا تحفا به ورهايا.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبرن شهيدن جي مغفرت، انهن جي درجات جي بلندي ،پونئرن کي صبر جميل، تحريڪ جي ڪاميابي، سازشن جي خاتمي، ملڪ جي بقا و سلامتي ۽ دهشت گردي جي خاتمي سميت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ دعائون به ڪيون ويون.
*

5/17/2024 3:57:30 AM