Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ اهل وطن کي عيدالفطر جي مبارڪباد.


 Posted on: 7/29/2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ اهل وطن کي عيدالفطر جي مبارڪباد.
عيد جي خوشين ۾ حق پرست شهيدن، لاپتا ۽ اسير ڪارڪنن جي گهر وارن کي به ياد رکيو وڃي. جناب الطاف حسين جي ذميوارن کي هدايت.
عيد جي پهرين ڏينهن نائن زيرو تي موجود رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، حق پرست نمائندن ۽ شعبن جي ذميوارن سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 29 جولائي 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين تمام ڪارڪنن ۽ اهل وطن کي عيد الفطر جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.جناب الطاف حسين عيد جي پهرين ڏينهن نائن زيرو تي موجود رابطا ڪميٽي،سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ شعبن جي ميمبرن سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين ذميوارن کي هدايت ڪئي ته اهي عيد جي خوشين ۾ حق پرست شهيدن ۽ لاپتا ۽ اسير ڪارڪنن جي گهر وارن کي به ياد رکن ۽ انهن کي عيد جي خوشين ۾ شريڪ ڪن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد، نائله منير جي مڙس منير قادري ۽ تمام حق پرست شهيدن جا درجات بلند فرمائي ۽ انهن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ ملڪ جي قبائلي علائقن ۾ جاري آپريشن ضرب ۾ ملڪ جي پاڪ فوج کي فتح و نصرت عطا فرمائي.آمين.


5/17/2024 12:34:03 AM