Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جو فڪر و فلسفو ملڪ ۾ انقلاب جي لاءِ خوشخبري بڻجي چڪو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 7/26/2014
متحده قومي موومينٽ جو فڪر و فلسفو ملڪ ۾ انقلاب جي لاءِ خوشخبري بڻجي چڪو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ملڪ تي غريبن ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي حڪمراني قائم ٿيندي.
متحده قومي موومينٽ جي 17 هين يوم تاسيس جي موقعي تي خصوصي پيغام.
لنڊن؛ 26 جولائي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام کي 26 جولائي تي متحده قومي موومينٽ جي 17 هين يوم تاسيس جي مبارڪباد پيش ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ جو فڪر و فلسفو ملڪ ۾ انقلاب جي لاءِ خوشخبري بڻجي چڪو آهي ۽ انشاء الله تعالٰي اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ملڪ تي غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي حڪمراني قائم ٿيندي. متحده قومي موومينٽ جي 17 هين يوم تاسيس جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته متحده قومي موومينٽ جو فڪر و فلسفو ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ تيزي سان ڦيلجي رهيو آهي ۽ مختلف قومن، زبانن ۽ مذهبن جي مڃڻ وارا ٽولن جي صورت ۾ ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿي ڪري پنهنجن حقن جي حصول جي لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهيا آهن. انهن فرمايو ته اڄ پاڪستان کي جن چيلنجن ۽ خطرن جو سامنو آهي انهن کان نڀرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته پنهنجن مفادن کي پوئتي اڇلائي ڪري ملڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي ۽ ملڪ کي خطرن کان ٻاهر ڪڍڻ، هر قسم جي ڏکين حالتن کان نڀرڻ ۽ ملڪ ۾ امن و ڀائيچاري، مذهبي ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جي قيام جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي. انهن هڪ ڀيرو ٻيهر حق پرست عوام ۽ ايم ڪيو ايم جي هڪ هڪ ڪارڪن کي متحده قومي موومينٽ جي 17 هين يوم تاسيس جي مبارڪباد پيش ڪئي.
****

5/17/2024 3:57:32 AM