Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين هميشه سرائيڪي عوام جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪئي آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب جي ملتان هائوس ۾ ڳالھ ٻولھ


 Posted on: 7/24/2014
جناب الطاف حسين هميشه سرائيڪي عوام جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪئي آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب جي ملتان هائوس ۾ ڳالھ ٻولھ.
لاهور؛ 24 جولائي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالحسيب چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سرائيڪي عوام جي حقن جي لاءِ هميشه آواز بلند ڪئي آهي. انهن جو چوڻ هو ته جناب الطاف حسين سرائيڪي صوبي جي قيام جي لاءِ کوکلن نعرن سان عوام جي دل آزاري نه ڪئي بلڪه ملڪ جي ايوانن ۾ پنهنجن چونڊيل نمائندن جي ذريعي سرائيڪي صوبي جي قيام جي قرارداد منظور ڪرائي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم ملتان هائوس ۾ جنوبي پنجاب ۽ ضلعي ملتان جي ڪميٽي سان ملاقات جي دوران ڪيو. ان موقعي تي صوبائي تنظيمي ڪميٽي پنجاب جو انچارج ارشاد ظفير به انهن سان گڏ هو.عبدالحسيب چيو ته جنوبي پنجاب جي آبادي 5 ڪروڙن کان وڌيڪ آهي پر افسوس جي ڳالھ اها آهي ته آبادي جي حساب سان اسپتالن ۽ يونيورسٽين جي تعداد تمام گهٽ آهي. انهن چيو ته تمام جلد جاگيردارن ، وڏيرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن جو خاتمو ٿيندو.
*****



5/17/2024 5:17:44 AM