Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

معصوم تبسم تي ظلم ڪرڻ واري چوڌري کي قانون جي مطابق سزا ڏني وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


 Posted on: 7/24/2014
معصوم تبسم تي ظلم ڪرڻ واري چوڌري کي قانون جي مطابق سزا ڏني وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
گجرات جي چڪ ڀولا ۾ چوڌري جي طرفان ڏھن سالن جي معصوم تبسم جا ٻئي هٿ وڍڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
ڪراچي؛ 24 جولائي 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي گجرات جي چڪ ڀولا ۾ چوڌري مصطفٰي جي طرفان معمولي جڳڙي تي ڏهن سالن جي معصوم تبسم جا ٻئي هٿ وڍڻ جي واقع جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ان قسم جا واقعا پنجاب ۾ روز جو معمول بڻجي چڪا آهن ۽ پنجاب حڪومت انهن واقعن تي بلڪل خاموش تماشائي بڻيل آهي .ان کان پهرين به پنجاب جي مختلف شهرن ۾ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن کي مختلف واقعن ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويندو رهيو آهي. پر پنجاب پوليس انهن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿي.انهن گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور ۽ وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته نه صرف معصوم تبسم تي ظلم ڪرڻ واري چوڌري کي قانون جي مطابق سزا ڏني وڃي پر اهڙن واقعن کي وڌيڪ ٿيڻ کان روڪيو به وڃي. رابطا ڪميٽي معصوم تبسم جون ٻانهون وڍڻ تي وڏي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****
 

5/17/2024 2:03:04 AM