Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دنيا جو چڪر لڳائڻ واري ننڍڙي عمر جي پائليٽ حارث سليمان ۽ انهن جي والد بابر سليمان جي دردناڪ وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.


 Posted on: 7/24/2014
دنيا جو چڪر لڳائڻ واري ننڍڙي عمر جي پائليٽ حارث سليمان ۽ انهن جي والد بابر سليمان جي دردناڪ وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 24 جولائي 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين دنيا جو چڪر لڳائڻ واري ننڍڙي عمر جي پائليٽ حارث سليمان ۽ انهن جي والد بابر سليمان جي دردناڪ شهادت تي دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن فرمايو ته حارث سليمان دنيا جي گهٽ عمر پائليٽ هجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ۽ هڪ فلاحي مقصد جي لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ جي خاطر دنيا جو چڪر لڳايو پر پنهنجي ان سفر جي آخر ۾ انهن جو جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو جنهن ۾ اهي پي ۽ پٽ هلاڪ ٿي ويا. انهن فرمايو ته انهن جي اچانڪ وفات وڏو حادثو آهي جنهن تي جيترو به افسوس ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي. انهن حارث سليمان ۽ انهن جي والد جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي حارث سليمان ۽ انهن جي والد بابر سليمان جي مغفرت فرمائي، انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پوئنرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.انهن ان سانحي تي پاڪستان ايئرفورس جي سابق سربراھ ايئرمارشل رائو قمر سليمان ۽ انهن جي تمام پونئرن سان به دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.
*

5/17/2024 2:03:24 AM