Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ حيدرعباس رضوي جي معروف عالم دين علامه طالب جوهري سان ملاقات.


 Posted on: 7/23/2014
ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ حيدرعباس رضوي جي معروف عالم دين علامه طالب جوهري سان ملاقات.
انهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان سيد مبارڪ رضا ڪاظمي ايڊووڪيٽ جي دردناڪ شهادت تي انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ علامه طالب جوهري کي جناب الطاف حسين جو تعزيتي پيغام به پهچايو.
ڪراچي؛ 23 جولائي 2014
            ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر حيدرعباس رضوي معروف عالم دين و مذهبي اسڪالر علامه طالب جوهري سان انهن جي رهائشگاھ تي ملاقات ڪئي ۽ انهن سان انهن جي ناٺي(نياڻيَ) سيد مبارڪ رضا ڪاظمي ايڊووڪيٽ جي دردناڪ شهادت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي متحده علماء ڪميٽي جو انچارج ۽ ميمبر به موجود هئا.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ حيدرعباس رضوي سيد مبارڪ ڪاظمي جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ علامه طالب جوهري کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو خصوصي تعزيتي پيغام به پهچايو ۽ چيو ته پوري ايم ڪيو ايم اوهان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. ان موقعي تي انهن شهيد جي مغفرت ۽ انهن جي درجات جي بلندي جي لاءِ فاتحه خواني به ڪئي ۽ علامه طالب جوهري سميت تمام سوگوار پونئرن جي لاءِ صبر جميل جي لاءِ دعا به ڪئي.ان موقعي تي علامه طالب جوهري ڏک جي ان گهڙي ۾ ساٿ ڏيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جو شڪريو ادا ڪيو.
*****
 

5/17/2024 2:28:53 AM