Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مبارڪ رضا ڪاظمي شهيد جي وحشي دهشت گرد قاتلن کي گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 7/23/2014
مبارڪ رضا ڪاظمي شهيد جي وحشي دهشت گرد قاتلن کي گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ڪراچي جي عوام کي وحشي دهشت گردن جي رحم و ڪرم تي چڏي ڏنو آهي.
علامه طالب جوهري جي ناٺي( نياڻيَ) مبارڪ رضا ڪاظمي جي شهادت تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 23 جولائي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ هٿيار بند دهشت گردن جي هٿان معروف دانشور،مبلغ ۽ مذهبي اسڪالر علامه طالب جوهري جي ناٺي ( نياڻيَ) مبارڪ رضا ڪاظمي جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ۾ هڪ مخصوص مڪتبه فڪر جي ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي مسلسل وارداتن ۾ ملوث دهشت گردن جي عدم گرفتاري ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريشن تي هڪ سواليه نشان آهي. انهن فرمايو ته معروف شيعه عالم دين علامه طالب جوهري جي ناٺي مبارڪ رضا ڪاظمي، مخصوص طبقي جي ڊاڪٽرن، پروفيسرن ۽ ٻين پروفيشنلن جي قتل جون مسلسل وارداتون ان ڳالھ جو کليل ثبوت آهي ته انتها پسند دهشت گردَ ڏينهن ڏٺي جو مخصوص مسلڪ، عقيدي ۽ نظريو رکڻ وارن ماڻهن کي چونڊي چونڊي دهشت گردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ انهن وحشي دهشت گردن کي گرفتارڪرڻ جي بجاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ڪراچي جي عوام کي دهشت گردن ۽ قاتلن جي رحم و ڪرم تي چڏي ڏنو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.انهن فرمايو ته پاڪستان جي ميڊيا جي طرفان مسلسل اها رپورٽ اچي رهي آهي ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي طرفان ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريشن جي باوجود شهر ۾ امن و امان جي صورتحال خراب آهي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀُنگ جي لاءِ اغوا ڪرڻ، ڀتا خوري ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي چڪو آهي ۽ وحشي قاتلن ۽ ڏوهاري ماڻهن جي خلاف موثر ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ امن و امان جي بهتري جي لاءِ کوکلا نعرا هنيا پيا وڃن. جناب الطاف حسين اختيار ۽ اقتداررکندڙ ڌرين کان مطالبو ڪيو ته مبارڪ رضا ڪاظمي شهيد جي وحشياڻي قتل جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ قاتل دهشت گردن کي گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي ۽ شهرين جي جان و مال کي بغير ڪنهن فرق جي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي. انهن علامه طالب جوهري سميت مبارڪ رضا ڪاظمي شهيد جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مبارڪ رضا ڪاظمي شهيد جا درجات بلند فرمائي، انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي ترين مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.



5/17/2024 3:24:55 AM