Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي ڪي ڪي ايف حيدرآباد جي زير اهتمام سالانه امدادي پروگرام جو انعقاد


 Posted on: 7/22/2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي ڪي ڪي ايف حيدرآباد جي زير اهتمام سالانه امدادي پروگرام جو انعقاد.
امدادي پروگرام ۾ 4000 هزار کان وڌيڪ يتمين،  مسڪينن، بيوائن ۽ معذور ماڻهن ۾ ڪروڙين روپين جو امدادي سامان ورهايو ويو.
حيدرآباد؛ 22 جولائي 2014
            قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي خدمت خلق فائونڊيشن حيدرآباد جي زير اهتمام نرسري پارڪ لطيف آباد نمبر 6 ۾ 4000 هزار کان وڌيڪ مسڪينن، معذورن، بيوائن ۽ يتيمن ۾ ڪروڙين روپين جو امدادي سامان ورهايو ويو. جنهن ۾ سلائي مشينون، فروٽ ۽ سبزين سان ڀريل گاڏا، سائيڪلون. وهيل چيئرز،ڪولرَ، پکا، پيڊسٽل فينَ، راشن جا ٿيلا، پائڻ جا ڪپڙا ۽ روڪ رقم ورهائي وئي .ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ڊپٽي  ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، رابطا ڪميٽي ميمبرَ ڊاڪٽر صغير احمد، سيد شاڪر علي، اشفاق منگي، عبدالحسيب، سنڌ تنظيمي ڪميٽي انچارج عمر قريشي، حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي، حق پرست نمائندا، پي پي ضلعي حيدرآباد جو صدر امان الله سيال، شهر جي معزز شخصيتن، صحافين، عوام ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.امدادي پروگرام جي آخر ۾ شهر جي معززن ۽ عوام ڪي ڪي ايف جي امدادي پروگرام کي ساراهيندي چيو ته جناب الطاف حسين جي طرفان غريبن ، مسڪينن، يتيمن ۽ بيوائن  جي خدمتن کي ڪنهن به صورت ۾ فراموش ڪري نه ٿو سگهجي ۽ ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ تي جناب الطاف حسين کي اسان خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
*****



5/17/2024 3:24:50 AM