Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان جو سڀني کان وڏو مسئلو مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.


 Posted on: 7/21/2014
پاڪستان جو سڀني کان وڏو مسئلو مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
جيڪڏهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ڳالهين تي توجه ڏيئي ڪري طالبان جي خلاف پهرين ئي ڪاروائي ڪئي وڃي ها ته ملڪ کي ايترو نقصان نه پهچي ها.
لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم يوڪي جي زير اهتمام ٿيندڙ دعوت افطار کي خطاب.
لنڊن؛ 21 جولائي 2014
          متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ سابق وفاقي وزير ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته پاڪستان جو سڀني کان وڏو مسئلو مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي آهي، پاڪستان جي داخلي استحڪام، معاشي ترقي ۽ قومي يڪجهتي جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪ کان دهشت گردي جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ وڌندڙ مذهبي انتها پسندي تي قابو پائڻ جي لاءِ مستقل بنيادن تي ٺوس ۽ موثر قدمَ کنيا وڃن.انهن اها ڳالھ لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ٿيندڙ دعوت افطار کي خطاب ڪندي فرمائي.دعوت افطار ۾ ايم ڪيو ايم يوڪي جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن به شرڪت ڪئي.ڊاڪٽر فاروق ستار پنهنجي خطاب ۾ چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پنهنجي سياسي بصيرت جي تحت ڪيترا سال اڳ ئي پاڪستان جي اختيار رکندڙ ڌرين، حڪمرانن، سياستدانن ۽ وڏين وڏين ڪرسين تي ويٺل ماڻهن کي خبردار ڪري چڏيو هو ته طالبانائيزيشن ۽ پاڪستان گڏ هلي نه ٿا سگهن.جيڪڏهن ملڪ ۾ طالبانائيزيشن کي روڪيو نه ويو ته اهو ملڪ جي لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندو.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ڳالهين تي توجه ڏيڻ جي بجاءِ انهن جو مذاق اڏايو ويو ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ طالبانائيزيشن کان انڪار ڪيو ويو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته طالبان قبائلي علائقن کان نڪري ڪري خيبر کان ڪراچي تائين ڦيلجي ويا ۽ انهن پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جيڪڏهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ڳالهين تي توجه ڏيئي ڪري طالبان دهشت گردن جي خلاف پهرين ئي ڪاروائي ڪئي وڃي ها ته پاڪستان کي ايترو نقصان نه پهچي ها.انهن چيو ته اڄ انٽرنيشنل ميڊيا به اهو چئي رهيو آهي ته پاڪستان کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ڳالهين تي توجه ڏيڻ گهرجي .انهن چيو ته پاڪستان ۾ غريبن جي انقلاب جو نعرو ته سڀ هڻڻ ٿا پر انقلاب اهو ئي آڻي سگهي ٿو جنهن انقلاب جو رول ماڊل پيش ڪيو هجي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ ۾ پهريون ڀيرو غريب ۽ وچولي طبقي جي پڙهيل لکيل ۽ باصلاحيت ماڻهن کي مڪاني ادارن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۽ سينيٽ ۾ موڪلي ڪري ملڪ ۾ انقلاب جي مثال قائم ڪئي آهي.انهن چيو ته ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪائي جماعت واقعي حقيقي معنٰي ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿي ته اها ايم ڪيو ايم آهي ۽ انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ جدوجهد ڪري هڪ ڏينهن ملڪ ۾ تبديلي آڻي ڪري ئي دم وٺندي.انهن ڪارڪنن کي چيو ته اهي ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي سان تحريڪ جي پيغام کي ڦيلائيندا رهن ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تعليمات تي عمل ڪندا رهن.انشاء الله تعالٰي هڪ ڏينهن ڪاميابي اسان جا قدمَ چمندي.ان موقعي تي ايم ڪيو ايم يوڪي جي جوائنٽ آرگنائيزر سهيل خانزاده ۽ يوڪي جي سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبر شمائل به خيالن جو اظهار ڪيو.


5/17/2024 1:05:33 AM