Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نواب شاھ ۾ ٻن آئل ٽينڪرن جي ٽڪرائجڻ جي دردناڪ حادثي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.


 Posted on: 7/20/2014
نواب شاھ ۾ ٻن آئل ٽينڪرن جي ٽڪرائجڻ جي دردناڪ حادثي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 20 جولائي 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين نواب شاھ ۾ ٻن آئل ٽينڪرن جي پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ جي دردناڪ حادثي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي سڙي ڪري هلاڪ و زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي،سوگوارن کي اهو صدمو براداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي به عطا فرمائي.آمين. ان کان علاوه ان حادثي ۾ 100 کان وڌيڪ ڍورن جي مرڻ تي به جناب الطاف حسين افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

5/17/2024 5:17:47 AM