Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين انسانيت جي خدمت کي پنهنجي اولين ترجيح بڻايو آهي. رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر نصرت شوڪت.


 Posted on: 7/20/2014
جناب الطاف حسين انسانيت جي خدمت کي پنهنجي اولين ترجيح بڻايو آهي. رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر نصرت شوڪت.
ڊاڪٽر نصرت شوڪت ڪي ڪي ايف جي مرڪز جو دورو ڪيو ۽ سالانه امدادي سامان جو معائنو به ڪيو.
انهن مخير حضرات ۽ صاحب حيثيت ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي زڪوٰت ، فطرا ۽ ٻيا عطيا ڪي ڪي ايف ۾ جمع ڪرائين.
ڪراچي؛ 20 جولائي 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ۽ خدمت خلق فائونڊيشن جي انچارج ڊاڪٽر نصرت شوڪت ڪي ڪي ايف جي مرڪزي آفيس جو دورو ڪيو ۽ اتي موجود سالانه امدادي پروگرام جي لاءِ موجود امدادي سامان جو معائنو ڪيو.ان موقعي تي انهن سان گڏ رابطا ڪميٽي ميمبر ڪهف الورٰي به موجود هئا.ڊاڪٽر نصرت ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين هميشه ڏکايل انسانيت جي خدمت کي پنهنجي اولين ترجيح بڻايو آهي ۽ پنهنجن نمائندن ۽ ڪارڪنن کي به اهو ئي درس ڏنو آهي ته اهي بغير ڪنهن فرق جي ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪن.انهن چيو ته ڪي ڪي ايف هر سال سالانه امدادي پروگرام منعقد ڪري ڪروڙين روپين جو امدادي سامان بغير ڪنهن فرق جي غريبن ۽ مستحق ماڻهن ۾ ورهائي ٿو ۽ ان سان گڏو گڏ پوري سال ملڪ جي غريبن، مظلومن، مستحق ۽ سفيد پوش خاندانن ۾ وڏي تعداد ۾ روڪ رقم ۽ امدادي سامان ورهايو وڃي ٿو. انهن سڄي ملڪ جي مخير حضرات ۽ صاحب حيثيت ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي ڪي ڪي ايف جي فلاحي سرگرمين کي نظر ۾ رکندي انسانيت جي بي لوث خدمت ۾ حصو وٺن ۽ سڄي ملڪ جي مستحق خاندانن ۽ خصوصن اتر وزيرستان کان لڏ پلاڻ ڪندڙ هم وطنن جي ڀرپور مدد جي لاءِ رمضان شريف جي بابرڪت مهيني ۾ پنهنجي زڪوٰت، فطرو، روڪ رقم ۽ ٻيون شيون ڪي ڪي ايف جي امدادي ڪيمپن يا ڪي ڪي ايف جي بينڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائين.

5/17/2024 2:50:55 AM